سامارو(ن پ ا) سامارو لڳ ٽن ٻارڙن جي ماءُ پراسرار گولي لڳڻ سبب فوت، خبر موجب سامارو ڀرسان ڳوٺ کاروڙو خاصخيلي ۾ نوجوان پرڻيل عورت دعا زال دلشاد خاصخيلي گهر اندر ۾ پراسرار نموني گولي لڳڻ سبب فوت ٿي وئي، اطلاع تي پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال پهچايو، پوليس جو چوڻ آهي ته ناري کي ڇاتي جي ڀر ۾ گولي لڳل آهي، جنهن سبب سندس موت واقع ٿي آھي، واقعي جي جانچ ڪري رهيا آهيون.