سامارو (ن پ ا ) سامارو ڊينگاڻ ڀرڳڙي ڀرسان ڳوٺ عبدالحڪيم شر مان سال اڳ مسلمان ٿي پرڻو ڪندڙ ناري رات جي وڳڙي ۾ گهران نڪري وئي، سندس مڙس ماجد پٽ ممتاز شر   ساماري ٿاڻي تي پهچي مٿس لکين رپين جي چوري جو الزام مڙهي ڇڏيو، پوليس پاران ڪيس داخل ڪرڻ کان کتو جواب ڏيڻ تي نوجوان ماجد شر پريس ڪلب سامارو آڏو احتجاج ڪندي چيو ته ناري شُگنا ڌي مگهو ڪولهي سال اڳم مسلمان ٿي مونسان پرڻو ڪيو هو، شُگنا جو اسلامي نالو مريم رکيو ويو هو،  گذريل رات منهنجي زال مريم کي سندس پيءُ مگهو ڪولهي، چاچو ڀورو ڪولهي ۽ پرڪاش ورغلائي ڪار ۾وٺي ويا آهن، هن چيو ته اسان جي گهر ۾ پيل  ڪيش 30 لک 43 هزار رپيا روڪ رقم، موٽرسائيڪل جو سيل ليٽر، 10 ايڪڙ زمين جي رجسٽري ۽ مختلف ماڻهن جا جمع ڪيل چيڪ توڙي منهنجو ذاتي چيڪ بڪ به کڻي فرار ٿي ويا آھن، پر پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.