سامارو( ن پ ا) سامارو لڳ روڊ حادثو، رٽائرڊ صوبيدار سميت 2 ڄڻا فوت خبر موجب سامارو بچاءُ بند روڊ تي راھو آباد اسٽاپ ڀرسان محمد قاسم انڙ رستي وٽ ٻن موٽرسائيڪلن وچم آمهون سامهون ٽڪر ٿيڻ سبب رام جاڳو واسي رٽائرڊ صوبيدار غلام مصطفي شر ۽ ڳوٺ محمد رمضان ڪالرو جو رهواسي حاجي محمد عرس ڪالرو فوت ٿي ويا، حادثي کانپوءِ فوتين کي تعلقي اسپتال سامارو آندو ويو، جتي ڊاڪٽرن ٻنھي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، لاش گره پهچڻ تي فوتين جي گھرن ۾ ڪھرام مچي ويو آھي، علائقي ۾ به ماحول سوڳوار بڻجي ويو آهي.