سامارو(ن پ ا)سامارولڳ ڳوٺ عبدالحڪيم بروھي لڳ بروھي آباد جي رھواسين عبدالجبار بروھي، دائود بروھي غلام رباني ۽ ٻين پريس ڪلب سامارو اڳيان دانھيندي چيو ته اسان جي ڳوٺ جي اسڪول گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول عبدالحڪيم بروھي گذريل 6 مھينن کان اسڪول بند پيل آھي ڪو استاد اچڻ لاء تيار ڪونهي 80 کان وڌيڪ شاگردن جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي ڳوٺاڻن وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته نوٽس وٺي جلد استاد مقرر ڪري مستقبل جي معصوم شاگردن کي تعليم جهڙي زيور کان محروم ٿيڻ کان بچايو وڃي .