سامارو (ن پ ا) سامارو تعلقي اسپتال انتظاميا جي لا پرواھي بي ڌياني ۽ مريضن کي سھولتون نه ملڻ خلاف سامارو جي شھرين شاھزيب قائمخاني، سلطان اويس قائمخاني، شھزاد خاصخيلي، ڪشور ڪمار ميگھواڙ، مجيد کوسو، اڪرم خاصخيلي، اوباما خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪندي ميڊيا آڏو دانھيندي چيو ته سامارو تعلقي اسپتال جي دوائن، گورين، ڪينولا، سرنجن ڊرپن ۽ ٻين انجيڪشن جي مدن ۾ ھڪ ڪروڙ 85 لک رپيا بجٽ ھئڻ باوجود رات جي وقت اسپتال ۾ ايندڙ مريضن کي دوائون وغيره ڊيوٽي ڊاڪٽرس ٻاھران کان پرچون لکي گھرائين ٿا ۽ جنھن ۾ غريب مسڪين مريض ڳري خرچن واري اعلاج جي سگھ نه ھئڻ مايوس ٿي واپس بغير اعلاج جي روانا ڪيس وڃن ٿا ھنن چيو ته رست جو ايندڙ مريضن جي لاء اي سي جي الٽرا سائونڊ ايڪسري ليبارٽري جي سھولتن کان به محروم بڻيل آھن ۽ بجلي جي لوڊ شيڊنگ ۾ اسپتال جو جنريٽر به نٿو ھلايو وڃي گائني وارڊ ۾ڊليوري جي مسئلن ۾ ۽ داخل مريضن کي سخت مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو ٿو پوي اسپتال انيڪ مسئلن جي ور چڙھيل آھي ھنن اعلي’اختيارين کان گھر ڪئي ته سامارو اسپتال انتظاميا جي غفلت لاپرواھي سبب رات جي وقت ايندڙ مريضن کي اعلاج جون ڪي به سھولتون نه ملڻ جو نوٽيس وٺي سامارو جي غريب مسڪين مريضن کي 24 ڪلاڪ اعلاج جون مڪمل سھولتون ڏياريون وڃن.