سامارو (رپورٽ: جئپال مالهي) سامارو ۾ لولان شاخ جا بااثرن پاران ڳنڍا کولي زمينن جو پاڻي ڇوڙ ڪرڻ خلاف 30 ڳوٺن جي رهواسين ٽائرن کي باهيون ڏئي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن ڪري 4 ڪلاڪ ڪنري روڊ بند ٿي ويو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن راشد قائمخاني، علم الدين ڀوتراڻي، نم ڀوتراڻي، سونو قائمخاني، الھبچايو ماڇي ۽ ٻين چيو ته برساتي تباهه ڪارين سبب لولان شاخ کي منڍ وٽان آبپاشي کاتي پاران مختلف ھنڌن تان ڪرين مشين ذريعي ڳنڍا ڏياريا ويا ھئا، جيڪي ڳنڍا بااثر زميندارن پنھنجي زمينن جو پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ پاڻي پوڇڙي ڏانھن وھائي ڇڏيو آھي، جنھن ڪري لولان شاخ اوور ٽاپ ٿي وئي ۽ ان کي 9 واٽر سميت ٻين واٽرن وٽان گھارا پئجي رھيا آھن، هنن چيو ته محفوظ ھنڌن تي ويٺل ماڻھن جي ڪئمپن سميت ڳوٺن ۽ زمينن ۾ ٻيھر پاڻي داخل ٿي ويو آھي ۽ اچ وڃ جا رستا پاڻي هيٺ اچي ويا آھن، ھنن مطالبو ڪيو ته لولان شاخ تي منڍ جي مختلف ھنڌن تي ڳنڍا ٽوڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪري ٻيهر ڳنڍا ٻڌرائي مسئلو حل ڪيو وڃي، ٻئي طرف ايس ايڇ او سامارو، ڊي ايس پي سامارو ۽ لولان شاخ جي داروغي نور محمد کوسي ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاهرين سان ڳالھيون ڪري خاطري ڪرائي، جنهن بعد روڊ کوليو ويو،