سامارو(ن پ ا) سامارو شھر جي وارڊ نمبر 4 جي ميگھواڙ پاڙي جي رھواسي 43 سالن جي   درزڪو ڪم ڪندڙ پورھيت منور شام پٽ سونو مل ميگھواڙ  گھريلو پريشانين ۽ بيروزگاري سبب سندس ئي گھر جي اندر  مندر جي ڪمري جي ڇت ۾ ٽوال سان ڳچي ۾ رسي سان  ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي، گھر ڀاتين پاران ڳچ دير  بعد سارڻ تي مندر جي ڪمري جو اندران ڏنل ڪڙو ٽوڙي ڦاھي  تان لاٿو، اھڙي اطلاع تي سامارو  پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي فوتي پورھيت جي لاش کي پنھنجي تحويل ۾ وٺي کڻائي  پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ سامارو  تعلقا اسپتال آندو، جتان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد سامارو پوليس فوتي جو لاش سندس  وڏي ڀاءُ گلاب ميگھواڙ حوالي ڪيو، ان موقعي تي فوتي منور  شام ميگھواڙ جي وڏي ڀاءُ گلاب ميگھواڙ صحافين ۽ پوليس کي  ٻڌايو ته فوتي ڀاءُ منور شام ميگھواڙ شھر ۾ درزڪو ڪم ڪندو ھو، گھريلو پريشانين، مھانگائي ۽ بيروزگاري سخت پريشانين ۾ دماغي توازن به درست نه ھئڻ سبب خودڪشي ڪئي آھي، کيس معصوم پٽ جو اولاد آھي، فوتي جا وارث سامارو تعلقا اسپتال  مان لاش جو پوسٽ مارٽم ٿيڻ  بعد لاش شھر جي وارڊ نمبر 4 ۾گھر کڻائي ويا، فوتي جي گھر ڪھرام متل آھي.