سامارو(ن پ ا) سامارو ويجھو 6 ڏينھن اڳ گھر اندر ھٿيار بندن پاران گهر ۾ گھڙي سيني ۾ گوليون هڻي قتل ڪيل راڻو ڪولھي جو 6 ڏينھن گذرڻ باوجود قتل ڪيس داخل نه ٿيو، مقتول راڻو ڪولھي جي ڀاءُ ڌنو ڪولھي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان کي شڪ آھي ته اسان جي ڀاءُ جي قتل ۾ لنجواڻي برادري جا ماڻھو ملوث آھن جن تي ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن قتل جي الزام هيٺ آيل مک جوابدار عطا لنجواڻي کي راڄوڻي ڪوشش بعد سامارو پوليس وٽ پُڻ پيش ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف چوٻول هلندڙ آھن ته قتل جي الزام هيٺ آيل نوجوان عطا الله لنجواڻي جي سئوٽ اعجاز لنجواڻي مقتول جي ڀاڻيجي کي مسلمان ڪري شادي ڪئي هئي جنهن تان پڻ تڪرار هلندڙ هو جنهن تان اُهو واقعو پيش آيو آھي.