سامارو (ن پ ا) سامارو روڊ لڳ ڳوٺ موتيرام مالھي وٽ نبي سر واهه جي موري ڪري پئي، جنهن ڪري سوين ڳوٺن جو سامارو شھر سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن مهيش ڪمار، ارجڻ ڪمار مالهي، ڪامريڊ ٽيڪم داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪندي چيو ته آبپاشي عملي جي نااهلي سبب نبي سر واهه  جي  موري ڪري تباهه ٿي آهي، هنن چيو ته موري ڪرڻ سبب علائقي واسي ڏچي ۾ اچي ويا آهن، هنن مطالبو ڪيو ته موري تعمير ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي.