عمرڪوٽ(رپورٽر) سامارو لڳ نابالغ نياڻي سان مبينه زوري لڄالٽ جو نشانو بڻائڻ ۽ کيس  حمل ٿيڻ جي انڪشاف وارو مبينه ڊراپ سين،  معاملو لئي مٽي ٿي ويو،وارثن پر اسرار خاموشي اختيار ڪري ورتي آھي، تفصيل موجب ھڪ ڏينھن اڳ ساماري لڳ لياقت رستي ويجهو ڳوٺ حاجي جاني ڪپري جو رهواسي باول ڪپري پنهنجي ڌي شائلا سميت ساماري ٿاڻي تي پهچي ٻڌايو ھو ته سندس معصوم 14 سالا  نياڻي شائلا ڪپري کي مٺو ڪپري نالي نوجوان ورغلائي ڪجھه عرصي کان مبينه زوري زنا ڪندو رهيو آھي، جنهن مان نياڻي کي حمل ٿي پيو آھي اهڙي خبر تي جوابدار خاموش رھڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آھي پوليس مدد ڪري ۽ ذميوار شخص خلاف ڪارروائي ڪري اهڙي درخواست تي ساماري پوليس نينگري جو ميڊيڪل ڪرائڻ لاءِ ليٽر جاري ڪندي تعلقه اسپتال اماڻيو ھو جنهن کان پوءِ وارثن نينگري کي تعلقي  اسپتال داخل ڪرايو ھو، ٻئي طرف سامارو پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ سندس ڳوٺ پھتي معاملو پوليس تائين پھچڻ بعد ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب معاملي کي ڳوٺاڻي ۽ راڄوڻي سطح تي لئي مٽي ڪرايو ويو آھي مليل ڄاڻ موجب فريادي نياڻي شائلا جي والد باول ڪپري پوليس وٽ بيان رڪارڊ ڪرائيندي ڄاڻايو آھي ته اھڙو ڪو معاملو ناھي اسان جو پاڻ ۾ سڱاوتي اڻبڻت ھئي ۽ جذبات ۾ اچي اھڙي درخواست ڏني ھئي پوليس رڪارڊ جو پورائو ڪري خاموشي اختيار ڪري ورتي آھي ۽ معاملو لئي مٽي ڪيو ويو آھي. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي سامارو پوليس جو چوڻ هو ته ڇوڪري شائلا ۽ سندس والد ٻئي ٿاڻي تي اچي لکت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائي ويا آھن ته اھڙو ڪو معاملو ناھي اسين پاڻ ۾ مائٽ آھيون ذاتي رنجشون ھيون پر ٺھي ويا آھيون.