سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سال 2024ع ۾ ملڪ اندر 4 هزار 558 ڪيس رپورٽ ٿيڻ جو انڪشاف، ملڪ اندر 1273 عورتن کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، 799 عورتن کي اغوا، 533 کي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو، 579 عورتن مٿان تشدد ڪيو ويو ۽ 380 عورتن خودڪشي ڪري پنهنجي زندگي جو ڏيئو اُجهائي ڇڏيو، رپورٽ موجب ملڪ اندر ٻارڙن ۽ عورتن مٿان تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي تنظيم ساحل عورتن مٿان تشدد وارن واقعن متعلق رپورٽ پڌري ڪري ڇڏي آهي، تنظيم جي عهديدار برڪت انصاري موجب جنوري کان نومبر 2024ع تائين تشدد جا 4558 ڪيس رپورٽ ٿيا، ملڪ اندر 1273 عورتن کي بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو، عورتن جي اغوا جا 799 ۽ تشدد جا 579 ڪيس رپورٽ ٿيا، ملڪ اندر 533 عورتن کي جنسي زيادتيءَ جو نشانو بڻايو ويو، 380 عورتن جا مختلف سببن ڪري خودڪشي جا ڪيس رپورٽ ٿيا، سال 2024ع جي رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ 95 سيڪڙو بالغ عورتن ۽ 5 سيڪڙو نابالغ نياڻين کي نشانو بڻايو ويو، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته سڀ کان وڌيڪ 21 کان 30 ورهين جي عمر جي عورتون وحشي درندن جي نشاني تي رهيون، ننڍي عمر جا 459 ڪيس، 11 کان 20 سالن جي عمر جا 444 رپورٽ ٿيا، 31 کان 40 سالن جي عمر جا 167 ڪيس رپورٽ ٿيا، عورتن مٿان مختلف قسمن جي تشدد واري رپورٽ ٿيل ڪيسن ۾ 33 سيڪڙو جوابدار سڃاتل هئا، 14 سيڪڙو ڪيسن ۾ مڙس، 10 سيڪڙو ڪيسن ۾ نامعلوم ماڻهو شامل هئا، رپورٽ موجب 2024ع جي صرف ڊسمبر مهيني ۾ جنسي بنياد تي تشدد جا 554 ڪيس رپورٽ ٿيا، جاري ڪيل رپورٽ مطابق ملڪ اندر عورتن مٿان تيزاب اڇلائڻ جا چار واقعا پيش آيا، 5 عورتن کي گينگ ريپ جو نشانو بڻايو ويو، 40 کان وڌيڪ عورتن کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو ويو.
سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتن تي تشدد ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيو
سکر: سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتن مٿان جنسي توڙي جسماني تشدد جا واقعا ڪراچيءَ ۾ رپورٽ ٿيا، ڪراچيءَ ۾ 86، خيرپور ۾ 65، ٿرپارڪر ۾ 51 عورتن مٿان جنسي توڙي جسماني تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا، رپورٽ موجب سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ عورتن مٿان جنسي توڙي جسماني تشدد جا 86 ڪيس ڪراچي ۾ رپورٽ ٿيا، ٻئي نمبر تي خيرپور ۾ 65 عورتن تي تشدد جا ڪيس رپورٽ ٿيا، ٿرپارڪر 51، نوشهروفيروز 38، گهوٽڪيءَ ۾ 37، سکر ۾ 36، لاڙڪاڻو ۾ 35 واقعا ٿيا، سجاول ضلعي ۾ 6، ٽنڊو محمد خان ۾ 7، مٽياري ۾ 13، ٺٽو ۾ 14، ڄامشورو ۾ 15، ڪشمور ۾ 15، بدين ۾ 17، ٽنڊو الهيار ۾ 18، عمر ڪوٽ ۾ 18، ميرپور خاص ۾ 20، قمبر ۾ 20، حيدرآباد ۾ 22، شهيد بينظير آباد ۾ 27، دادو ۾ 28، شڪارپور ۾ 32، سانگهڙ ۾ 35، لاڙڪاڻو ۾ 36، سکر ۾ 36، گهوٽڪيءَ ۾ 37، نوشهروفيروز ۾ 38، ٿرپارڪر ۾ 51، خيرپور ۾ 65 ۽ ڪراچيءَ ۾ 86 عورتن مٿان جنسي توڙي جسماني تشدد جا واقعا رپورٽ ٿيا.
|
ملڪ اندر عورتن تي تشدد جا ڪيس سڀ کان وڌيڪ پنجاب ۾ رپورٽ ٿيا
سکر: ملڪ اندر عورتن مٿان سڀ کان وڌيڪ تشدد وارا ڪيس پنجاب ۾ رپورٽ ٿيا، جاري ڪيل رپورٽ مطابق عورتن مٿان تشدد جا سڀ کان وڌيڪ 73 سيڪڙو ڪيس پنجاب ۾ رپورٽ ٿيا، 15 سيڪڙو ڪيس سنڌ، 8 سيڪڙو خيبرپختونخواهه، 2 سيڪڙو اسلام آباد ۽ 2 سيڪڙو بلوچستان ۾ ڪيس رپورٽ ٿيا.