اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان بزنس فورم سال 2024ع کي واپاري برادري ۽ عوام لاءِ ڏکيو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان واپاري دوست ملڪ ناهي رهيو. پاڪستان بزنس فورم اهڙن خيالن جو اظهار ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب کي لکيل خط ۾ ڪيو آهي. واپاري برادري جي فورم پنهنجي خط ۾ لکيو ته 2024ع ۾ بجلي جي بلن ۽ وياج جي شرح واپاري برادري کي تنگ ڪري ڇڏيو ، پاڪستان هاڻي ڪاروبار دوست ملڪ ناهي رهيو، ان صورتحال ۾ سڀني کي گڏجي ويهڻ جي ضرورت آهي. آءِ ايم ايف جي هڪ ٻئي پروگرام باوجود رپئي جو ملهه  ناهي وڌيو، حڪومت قدم کڻي. پاڪستان بزنس فورم چيو آهي ته 2024ع ۾ هارين کي زرعي محاذ تي سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، ڪيترائي ماڻهو پنهنجي پيداواري لاڳت به وصول نه ڪري سگهيا آهن. پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پوکي جو هدف ساڍا 16 ملين ايڪڙ هو پر رڳو 12 ملين ايڪڙ ڪڻڪ پوکي وئي.