سال 2022 ۾ پاڪستان اندر ٻارڙن تي ظلم ۽ زيادتين جا 4هزار 253 ڪيس  رپورٽ ٿيا:سماجي تنظيم

0
95
سال 2022 ۾ پاڪستان اندر ٻارڙن تي ظلم ۽ زيادتين جا 4هزار 253 ڪيس  رپورٽ ٿيا:سماجي تنظيم
سال 2022 ۾ پاڪستان اندر ٻارڙن تي ظلم ۽ زيادتين جا 4هزار 253 ڪيس  رپورٽ ٿيا:سماجي تنظيم

سکر (بيورو رپورٽ) سماجي تنظيم پاران ٻارڙن سان ٿيل ظلم زيادتين وارن واقعن بابت انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن

ان سلسلي ۾ سماجي تنظيم جي صوبائي ڪوآرڊينيٽر ساحل جو چوڻ آهي ته سال 2022 ۾ پاڪستان اندر ٻارڙن تي  ظلم ۽ زيادتين جا 4هزار 253 ڪيس  رپورٽ ٿيا

برڪت انصاري جو چوڻ آهي ته 2021ع جي ڀيٽ ۾ 2022 ۾  ٻارڙن سان جنسي زيادتين جي ڪيسن ۾  33سيڪڙو اضافو ٿيو، چئني صوبن ۾ روزانو 12 کان  وڌيڪ ٻارڙن  کي جنسي حوس جو نشانو بڻايو ويو

جاري ڪيل انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته پيش آيل واقعن مان 2325 ڇوڪرين ۽ 1928 ڇوڪرن کي جنسي تشدد جو  نشانو بڻايو ويو

سماجي تنظيم جي اڳواڻن موجب  ننڍي عمر جي ٻارڙن سان جنسي  زيادتي وارا ڪيس سڀ کان وڌيڪ  پنجاب ۾ پيش آيا، پنجاب ۾ 3035، سنڌ ۾ 62،  بلوچستان ۾ 30 ڪيس رپورٽ ٿيا

هي به پڙهندا

سکر: لطيف يونيورسٽي خيرپور جي عورت ٽيچنگ اسسٽنٽ مبينا جنسي حراسمينٽ جو شڪار