سال 1960ع واري ٺاهه کي ورجائڻ واري ڳالهه!

0
38
سال 1960ع واري ٺاهه کي ورجائڻ واري ڳالهه!

 انگريزي اخبار ڊان ۾ 29 آڪٽوبر تي هڪ خبر لڳي ته پاڪستان 1960ع واري ٺاهه کي ورجائڻ واري ڳالهه ڪئي آهي. اچو ڏسون ته 1960ع وارو ٺاهه آهي ڇا؟ پاڪستان ان کي ڇو ٿو ورجائڻ چاهي؟ ۽ ڪهڙن بنيادن تي انهي کي ورجائڻ ٿو گهري. انهن جا تفصيل هيٺ ڏجن ٿا.

1960ع وارو ٺاهه يعني انڊس بيسن ٽريٽي آهي ڇا؟

1960ع واري ٿيل  معاهدي جون خاص ڳالهيون هي آهن

 ٽي اڀرندا درياهه يعني ستلج، بياس ۽ راوي مڪمل طرح هندستان کي ڏنا ويا.

ٽي اولهندا درياهه يعني سنڌو، جهلم ۽ چناب پاڪستان کي ڏنا ويا، پر هندستا کي انهن ٽنهي درياهن تي پيئڻ جي پاڻي، آبپاشي ۽ پن بجلي پيدا ڪرڻ ۽ جهاز راني جا حق ڏنا ويا.

                 ڏهن سالن تائين يعني مارچ 1970ع تائين هندستان پاڪستان کي ٽن اوڀرندن درياهن ۾ بنا روڪ ۽ ٽوڪ پاڻي ڏيندو رهندو، جڏهن ڏهه سالن پورا ٿيڻ کانپوءِ انهي ٽنهي درياهن تي پاڪستان جو ڪو حق نه رهندو. اهو مدو ڏنڊ ڏيڻ تي وڌ ۾ وڌ سال وڌائي سگهبو.

 15 آگسٽ 1974ع وقت جن ڪينالن کي اوڀرندن درياهن مان پاڻي ملي پيو انهن لاءِ پاڪستان متبادل اڏاوتون ٺاهيندو، ته جيئن انهي ايراضين کي پنهنجي نظام مان پاڻي ڏئي سگهجي.

متبادل اڏاوتون ٺاهڻ لاءِ هندستان پاڪستان کي ڪل 6 ڪروڙ 20 لک برطانوي پائونڊ ڏيندو.

 ٻئي ملڪ وهڪرن ۽ انهن تي استعمال بابت هڪٻئي کي ڄاڻ ڏيندا رهندا.

هڪ انڊس واٽر ڪميشن هوندي جنهن ۾ ٻنهي ملڪن مان انڊس واٽر ڪمشنر مقرر ڪيا ويندا، جيڪي مٿين سطح جا اهڙا انجنئير هوندا جن کي درياهي نظام۽ پاڻي استعمال بابت ڄاڻ هوندي. ٻئي ڪمشنر معاهدي مطابق انهي تي عمل ڪرڻ وارن معاملن کي اڪلائيندا.

جيڪڏهن ٻئي ماهر نه اڪلائي سگهن ته اهي فيصلا اڻ ڌرئي ماهر يا انصاف واري ڪورٽ کي ڏنا ويندا. متبادل اڏاوتن طور ٻه نوان ڊيم منگلا ۽ تربيلا  8 لنڪ ڪينال يعني رسول بيراج، قادرآباد، پنيان والا، راوي بيديان ديپالپور، ٽمنهن،ستڌائي، سترنائي، ميلسي، بهاولپور- قادرآباد، بلوڪي، سليما نڪي، چشما – جهلم ۽ تونسا- پنجند ڪينال چار نوان بيراج سڌياتي، قادرآباد، رسول ۽ چشما بيراج ٺاهيا ويندا ۽ ٻن موجوده بيراجن کي ٺيڪ ڪيو ويندو.

سنڌ کي نقصان:

ٽن اڀرندي درياهن کان پنجند وٽ ايندڙ پاڻي جيڪو سنڌ ۾ ايندو هو اهو گهٽجي ويو ۽ پڇاڙي جو ختم ٿي ويندو. اهو ربيع جي مند ۾ 192 ۽ خريف جي مند ۾ سراسري 2936 ملين ايڪڙ فوٽ ايندو هو.

سنڌو درياهه مان ٺاهيل لنڪ ڪينالن، معاون درياهن جي ايراضين لاءِ پاڻي ڏيڻ ڪري سنڌ ڏي ايندڙ پاڻي گهٽجي ويندو.

 ربيع جي مند ۾سکر کان هيٺ ٻيهر پيدا ٿيندڙ پاڻي Regenerated waterگهٽجي ويو.

ڪچي۾ درياهه اٿل تي پيدا ٿيندڙ ايراضي گهٽجي وئي.

پاڻي گهٽ اچڻ ڪري دريائي ۽ سامونڊي ٻيلا گهٽجي ويا ۽ سمنڊ جو پاڻي وڌي ويو.

پلا اچڻ گهٽجي ويا.

ٻيڙين جي چرپرNavigation  گهٽجي وئي.

ڊيلٽا جي ختم ٿيڻ جو عمل شروع ٿي ويو.

سنڌ کي فائدو

تربيلا ڊيم ٺهڻ ڪري سنڌ کي ربيع ۽ آڳاٽي خريف ۾پاڻي ملڻ لڳو. ربيع ۾ڪڻڪ جي پيداوار وڌي ۽ آڳاٽي خريف ۾ وڌيڪ وونئڻن جو فصل ٿيڻ لڳو.

پنجاب کي نقصان:

ٽن اڀرندي درياهن جو پاڻي صفا بند ٿي ويو، جنهن ڪري انهن ايراضين ۾ پيئڻ جي پاڻي ۽ ڪيترا ماحولياتي مئسلا پيدا ٿيڻ لڳا.

پنجاب کي فائدو:

نيون سڀ اڏاوتون پنجاب ۾ٺهيون، اتي ماڻهن کي زبردست روزگار مليو.

منگلا ڊيم جي بجلي پيدا ڪرڻ سبب مٺي پاڻي جا ٽيوپ ويل هلڻ لڳا، جنهن ڪري هڪ پاسي زراعت کي وڌيڪ پاڻي ملڻ لڳو ۽ ٻئي پاسي سم به ڪنٽرول ٿيڻ لڳي.

خيبرپختونخواهه صوبي تي اثر:

انهي صوبي جو آبپاشي نظام رم اسٽيشن کان مٿي آهي تنهن ڪري هنن کي ڪو نقصان نه ٿيو. نئون چشما بيراج ٺهڻ ڪري هنن کي CRBC مليو، پيهور ڪينال کي تربيلا ڊيم مان پڪو منهن مليو، سڀني کان وڏو فائدو اهو ٿيو ته هنن کي تربيلا ڊيم مان رائلٽي ملي جيڪا هر سال ڪروڙين روپيا ٿئي ٿي.

بلوچستان تي اثر:

بلوچستان صوبي کي پٽ فيڊر ڪينال مليو.

ٽن اڀرندي درياهن کي هندستان کي ڏيڻ ڪري ڪن علائقن ۾پيئڻ جو پاڻي به ڪونهي.

انهن درياهن ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري جر به نٿو ملي ۽ جر خراب ٿي ويو آهي.

صفا پاڻي نه اچڻ ڪري جهنگلي جيوت ۽ پکي پکڻ گهٽجي ويا ۽ ٻيا به ڪيترائي ماحولياتي اثر ٿيا.

شهرن ۽ صنعتي علائقن ويجهو گدلاڻ وڌي وئي. اڳي جڏهن درياهن ۾پاڻي ايندو هو ته اڳي اهي صاف ٿيندا ويندا هئا.

موسمي ڦير گهير جي نتيجي ۾جڏهن گليشير رجندا ته سنڌو ۾ پاڻي گهٽ ايندو پر هندستان کي الهندي درياهن تتي مقرر Fixed حق آهن يعني پيئڻ لاءِ جيڪو پاڻي چاهن ٿا کڻي سگهن ٿا. زراعت لاءِ جيترو پاڻي کپي کڻي سگهن ٿا. پن بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ جيترو پاڻي معاهدي ۾کڻڻ جي اجازت آهي کڻي سگهن ٿا جيتوڻيڪ هاڻي ايندڙ پاڻي گهٽبو.

سنڌ طاس معاهدو هڪ مثالي معاهدو ناهي. اهو اسان تي چالاڪي سان مڙهيو ويو جو پهريون اسان جو پاڻي بند ڪيو ويو ۽ تنهن کانپوءِ انهي کي ڏيڻ لاءِ شرط رکيا ويا ۽ عالمي بينڪ وچ ۾ پئي اهو معاهدو ڪرايو. ٽن اڀرندن درياهن تي اٽڪل 33 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ايندو هو، جنهن مان هندستان کڻندو هو 9 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ پاڪستان کڻندو هو 24 ملين ايڪڙ فوٽ. ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته پاڪستان کي ڏنو وڃي ها 33 ملين ايڪڙ فوٽ ۽ باقي هندستان کي ڏنو وڃي ها پر پاڻي ورهائڻ ورهائڻ بدران درياهه ورهايا ويا.

عالمي بينڪ  ۽ آمريڪا جو چوڻ آهي ته هنن هندستان جو پاسو کنيو. ايوب خان کان جڏهن پڇيو ويو ته تو اهڙو معاهدو ڇو ڪيو ته هن جوان ڏنو ته مون وٽ ٻه آپشن هئا پهريون اهو ته هندستان سان جنگ ڪريان ۽ ٻيو اهو ته معاهدي تي صحيح ڪريان. مون هندستان سان جنگ جي طاقت نه سمجهي ۽ لاچار مون معاهدي تي صحيح ڪئي.

معاهدي تي عمل:

معاهدي تي صحيح عمل نٿو ٿئي پر معاهدي ۾ اهو شرط آهي ته جيڪڏهن هندستان ۽ پاڪستان معاهدي تي عمل نٿا ڪن ته انهي لاءِ هڪ اڻ ڌريو ماهر مقررڪيو وڃي يا انٽرنيشنل ڪورٽ کي چيو وڃي ته هو ڪو ماهر مقرر ڪري. اهو معاهدو عالمي بينڪ وارن ڪرايو هو، هاڻي جڏهن ٻئي ڌريون انهي تي عمل نٿيون ڪن ته معاهدي مطابق يا اڻ ڌريو ماهر مقرر ڪيو وڃي يا انٽرنيشنل ڪورٽ کي چيو وڃي ته ماهر مقرر ڪري. جڏهن هڪ اڻ ڌريو ماهر مقرر ٿي ويو آهي ته پاڪستان کي کپي ته انهي ماهر جي فيصلي جو انتظار ڪن. جڏهن اهو فيصلو اچي ويو ته هن کانپوءِ لاءِ انٽرنيشنل ڪورٽ کي اپروچ ڪري سگهجي ٿو، تيستائين پاڪستان کي کپي ته  ماٺ ڪري.