واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا جي شهري هڪ سال ۾ 777 فلمون سئنيما ۾ ڏسي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو. گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ موجب 32 ورهين جي ڄمار جي زيڪ سويپ نالي شهري جو واسطو آمريڪا سان آهي جيڪو سئنيمائن ۾ وڃي فلمون ڏسڻ جو شوقين آهي ۽ 100 کان 150 فلمون هر سال ڏسندو هو. گنيز بڪ وارن ٻڌايو ته زيڪ مختلف قسمن جون فلمون ڏسڻ پسند ڪري ٿو ۽ هن گذريل سال جولاءِ کان هلندڙ سال جولاءِ تائين 777 فلمون ڏٺيون. گنيز بڪ موجب اهو رڪارڊ ٺاهڻ لاءِ سموريون فلمون پوريون ڏسڻ ضروري آهي ۽ ان دوران ڪنهن ٻي سرگرمي ۾ مشغول نه ٿا رهي سگهو ايستائين جو موبائل فون به استعمال نه ٿا ڪري سگهو. زيڪ کي ڪئميرا جي نگراني ۾ رکيو ويو ۽ فلم ڏسڻ دوران کيس کائڻ پيئڻ جي اجازت به نه ڏني وئي. زيڪ رڪارڊ ٺاهڻ جي سمورن اصولن تي پورو لٿو ۽ کيس عالمي رڪارڊ قائم ڪندڙ قرار ڏنو ويو. ان کان اڳ اهو رڪارڊ فرانس جي ونسنٽ ڪرون وٽ هو جنهن 2018ع ۾ 715 فلمون ڏٺيون هيون.