ڪراچي (انٽريسٽنگ نيوز) پاڪستان سميت اتر اڌ گول ۾ سال 2024 جو ننڍو ڏينهن ۽ ڊگهي رات 21 ڊسمبر تي ٿيندي پر سڀ کان ننڍو ڏينهن ۽ ڊگهي رات جي پويان سائنس ڇا آهي؟ سال جي مختصر ترين ڏينهن کي راس الجادي يا Winter solstice سڏيو ويندو آهي. جيڪڏهن توهان کي خبر ناهي ته ڄاڻو ته ڌرتي سج ڏانهن 23.5 درجا جي زاويي تي جهڪيل آهي. ناسا جي محقق مائيڪل ايس ايف ڪرڪ مطابق ڌرتي پنهنجي محور تي بلڪل سڌي ناهي گهمندي. محور تي جهڪيل هئڻ ڪري، اتر ۽ ڏاکڻي اڌ حصي ۾ سڄي سال ۾ سج جي روشني جي مقدار مختلف هوندي آهي، سج جي چوڌاري گهمندي سج جي روشني جي وقت ۽ شدت ۾ سڄو سال مسلسل تبديليون اينديون آهن ۽ انهيءَ سبب ئي مختلف موسمون ٿينديون آهن، اتر اڌ گول ۾، سياري جي مهينن ۾ سج جي روشني جو مدو گهٽجي ويندو آهي، جڏهن ته ڏاکڻي اڌ گول ۾ وڌندو آهي.