جئيپور(اسپورٽس نيوز) انڊين پريميئر ليگ ۾ بينگلور جي ٽيم راجستان کي 9 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي، خبر موجن راجستان رائيلز جي ٽيم پهريان کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنسون اسڪور ڪيون،جيسوال 75، جوريل 35، پراگ 30 ۽ ڪپتان سيمسن 15 رنسون اسڪور ڪيون، بينگلور طرفان هيزلووڊ،ڀونيشور،يش ۽ پانڊايا هڪ هڪ وڪيٽ ورتي،راجستان طرفان مليل ٽارگيٽ بينگلور جي ٽيم هڪ وڪيٽ جي نقصان تي ارڙهين اوور ۾ پورو ڪري ورتو،فل سالٽ 65، ڪوهلي62 ۽ پڙيڪل 40 رنسون اسڪور ڪري نمايان رهيا،راجستان طرفان ڪارتڪيا جي کاتي ۾ هڪ وڪيٽ آئي،بينگلور جي ٽيم 6 ميچن مان 4 کٽي پوائنٽس ٽيبل تي ٽئين پوزيشن تي آهي.