ساليانو 80 ٽن سون اسمگلنگ ذريعي اچڻ جو انڪشاف

0
468
ڊالر ٻيهر 179.5 رپين

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ايف بي آر پاران ملڪ ۾ ساليانو 80 ٽن سون اسمگلنگ ذريعي اچڻ جو انڪشاف، سينيٽ جي ناڻي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ايف بي آر ميمبر  ٻڌايو ته پاڪستان ۾ ساليانو 160 ٽن سون استعمال ۾ ايندو آهي، 80 ٽن سون مختلف ملڪن مان اسمگلنگ ذريعي اچي ٿو، پاڪستان ۾ سون جي مارڪيٽ لڳ ڀڳ 2.2 ٽريلين رپيا آهي، ايف بي آر ۾ رڳو 29 ارب رپيا گولڊ مارڪيٽ ڊڪليئرڊ آهي

گولڊ ايسوسيئيشن جي اختيارين چيو ته رڳو سون نه پر ڊائمنڊ به اسمگلنگ ذريعي اچي رهيو آهي، پاڪستان ۾ سون درآمد ڪرڻ بابت ڪا به پاليسي ۽ ٽيڪس نظام ناهي، 36 هزار سون جو ڪم ڪندڙن مان رڳو 54 گولڊ سمٿ ٽيڪس ڏيندا آهن. واپار واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ هو ته سون ڪمرشل بنيادن تي درآمد ڪرڻ جي اجازت ناهي، سون درآمد ڪرڻ جي لاءِ ڊالرز جو بندوبست پاڻ کي ڪرڻو پوندو آهي، جنهن تي ڪاميٽي جو چوڻ هو ته سون اسمگلنگ روڪڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن.