مشيگن (انٽريسٽنگ نيوز) آمريڪا ۾ چار سالن کان هڪ نمبر جو سيٽ استعمال ڪندڙ شخص آخرڪار ڪروڙين رپين جي لاٽري کٽي ورتي، آمريڪي رياست مشيگن جي علائقي وين ڪائونٽي سان تعلق رکندڙ 54 سالن جي شهري 8 جنوري تي لاٽري جو هڪ ٽڪيٽ خريد ڪيو، جنهن جو نمبر 04-08-17-28-36-43 هو، سندس چوڻ هو ته اهو گذريل چار سالن کان نمبرن جي ان سيٽ سان لاٽري کيڏي رهيو آهي، انهن انگن جي سيٽ تي ثابت ڪندڙ رهڻ آخرڪار کيس 13 لک ڊالر (36 ڪروڙ 34 لک رپين کان وڌيڪ) انعام کٽرائي ورتو، سندس چوڻ هو ته هن لاٽري ايپ ۾ پنهنجو ٽڪيٽ اسڪين ڪيو ۽ ڏٺو ته اهو کٽي چڪو آهي، کٽڻ جو احساس زبردست هوندو آهي، ان انعام سان کيس ۽ سندس خاندان وارن کي معاشي آزادي ملي آهي.