کٽمنڊو(اسپورٽس نيوز) نيپال جي شهر کٽمنڊو ۾ جاري سائوٿ ايشين فٽبال فيڊريشن (ساف) ڪپ ۾ پاڪستان ويمن ٽيم پنهنجي سڀ کان وڏي ڪاميابي جو رڪارڊ بڻائي ڇڏيو. پاڪستان ويمن فٽبال ٽيم مالديت کي 7-0 تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان طرفان ناديه خان 4 گول اسڪور ڪيا، اهڙي طرح ناديه خان انٽرنيشنل ميچ ۾ 4 گول ڪندڙ پهريون پاڪستان عورت بڻجي وئي. ناديه خان جي 4 گولن کان علاوه رامين فريد، خديجه ڪاظمي ۽ انمول هيرا هڪ هڪ گول ڪيو. پاڪستان ٽيم کي ساف ڪپ 2022ع جي شروعاتي ٻن ميچن ۾ شڪست نصيب ٿي هئي. پاڪستان کي ڀارت ٽن ۽ بنگلاديش ڇهه گولن تان هارايو هو.