سازشي سرمائيدار، ستل سرڪار ۽ پيڙجندڙ ٿرين جي پڪار

0
61
سازشي سرمائيدار، ستل سرڪار ۽ پيڙجندڙ ٿرين جي پڪار

 قدرتي وسيلن سان مالامال پاڪستان جو خوبصورت ريگستان ٿر گذريل ڪئي سالن کان ڪوئلي مان پيدا ٿيندڙ جھجهي مقدار ۾ بجلي نيشل گرڊ کي ڏئي ٿو. حالانڪه ملڪ جن معاشي مشڪلاتن مان گذري رھيو آھي ۽ خاص طور تي بجلي جي بحران گذريل ڪئي سالن کان جتي ملڪي معشيت کي ڪمزور ڪرڻ سان گڏوگڏ عام ماڻھو جو جيئڻ جنجال ڪيو آھي، اتي ملڪ جي سمورن توانائي  منصوبن کي سڌريل دنيا طرفان طئه ٿيل ترقياتي اصولن پٽاندر بنا ڪنھن رنڊڪ جي ھر صورت ۾ ھلائڻ واري عمل جي ڪو به سمجھ ڀريو شھري اڄائي مخالفت نٿو ڪري سگھي. پر ٿر جھڙي پسمانده علائقي مان ھئڻ ناتي افسوس انھي ڳالھ جو ٿي ٿو ته ٿر جيڪو ھڪڙي پاسي قومي معيشت جو ڀرجھلو ٿي بيٺل آھي، اتي ٻئي پاسي سرمائيدار ڪمپنيون قومي مفاد جي انھي اھميت جو ناجائز فائدو وٺندي پنھنجا سرمائيدارڻه مفاد ماڻڻ لاءِ ڌرتي ڌڻين جو استحصال ڪرڻ ۾ رڌل آھن. جيتوڻيڪ سرمائيدار ڪمپنين جو غريب سان اھو استحصالي رويو دنيا ڀر ۾ ساڳيو آھي ڇو ته اھي سرمائيدار حالتن جي نزاڪت ۽ حساسيت مان ناجائز فائدو وٺندي موقعي سر پنھنجا سرمائيداراڻا مفاد ماڻڻ خاطر غريب کي ڪچلڻ ۾ ھرگز دير نه ڪندا آھن. اھو ئي سبب آھي جو ڪوئلي جا وارث ٿري ڳوٺاڻا اھڙن موقعن تي انھن مانگر مڇ ڪمپنين جي عذاب ھيٺ ھميشه پيڙجندا رھيا آهن. اسان سڀني کي ڪول ڪمپني پاران ڪجھ سال اڳ قتل ڪرايل مزدور دودي ڀيل وارو واقعو ياد ھوندو ته انھي واقعي واري ساراھ جوڳي عوامي جدوجھد تائين ڪيئن نه ٿر ۾ ڪول ڪمپنين کان پنھنجن جائز حقن جي گھر ڪرڻ غريب لاءِ مڪمل ممنوع بڻايل ھو.

ڪمپنيون غريب ڳوٺاڻن لاءِ اڄايو خوف جو ماحول پيدا ڪري عوامي، ماحولياتي توڙي قومي قدرتي وسيلن جي استحصال واري عمل کي جاري رکيو نه اچن. انھي سلسلي ۾ تازو ٿر جي ڳوٺ وروائي ۾ ڪول ڪمپني ۽ پوليس پاران 28 ڳوٺاڻن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري گرفتاريون ڪرڻ پڻ انھي سازش جو حصو لڳي ٿو ته جيئن ڳوٺاڻ کي ھيسائي خوف جو ماحول ٺاھي چپ ڪرايو وڃي. انھي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن جو موقف آھي ته ڪافي اھڙن ماڻھن تي پڻ من گھڙت واردات جو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي، جيڪي ڳوٺ ۾ موجود ئي نه ھئا پر سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مزدوري تي ويل ھئا.  پوليس ڪيس کانپوءِ وڏي تعداد ۾ پوليس موبائلن سان پوليس جي اٽالن جو ٿر جي پر امن ڳوٺن تي چڙھائي ڪري ڳوٺاڻن کي ھراسان ڪرڻ وارو عمل پڻ تمام نندا جوڳو آھي، ڏک جي ڳالھ اھا آھي ته انھي عمل ۾ پوليس پڻ ڪمپني جي مڪمل ونگار ۾ لٿل آھي. چونڊيل نمائندا مڪمل ڪن ٽار ڪيو ويٺا آھن مخالف ڌر پڻ ٻرن ۾ آھي غريب ۽ بي وس ٿري ڳوٺاڻن جي سار لھڻ وارو ڪير به ڪونھي. متاثر ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي ته انھن جڏھن پنھنجا معاوضا نه ملڻ تي آواز اٿاريو ته سي پيڪ جي ڪم ۾ مداخلت جو خوف ڏياري پوليس گردي ڪئي وئي آھي. ڳوٺاڻا چون ٿا ته ھڪڙي پاسي اسان جو استحصال ڪيو پيو وڃي ۽ ٻي پاسي پوليس گردي ذريعي چپ رھڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. ونگاري پوليس اهڙا ڪوڙا ڪيس داخل ڪندي رهندي ته ڇا ماڻهو پنهنجا حق گهرڻ ڇڏي ڏين، هڪ اڳئي ڪمپنين سمورن قانونن جي لتاڙ ڪندي سموري علائقي کي تباهي جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي ته ٻئي پاسي انهن کان پنهنجا ماڳ، مڪان، قبرستان، عبادتگاهون ۽ سمورا انهن جي جسم سان جڙيل واري جي ذري ذري جيترا احساسات پڻ ڦٻائي رھيا آهن ۽ وري ٻي پاسي ڏاڍ جي اهڙي ماجرا ! ماروئڙا ماٺ ضرور آهن پر اها ماٺ ڪمپنين ۽ استحصالي قوتن کي مات ڏيڻ ۾ ڪامياب ويندي انھي ڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ٿر ڪول جي سمورن رٿائن بشمول ريلوي لائين واري رٿا ۾ متاثر ٿيندڙ ماڻهن جا حق اوليت جي بنياد تي ڏيئي متاثر ٿيندڙ پاڻي توڙي زمين ۽ ماحوليات سميت سمورا مکيه مسئلا حل ڪيا وڃن. ھزارين ميگاواٽ بجلي ڏيندڙ ڪوئلي چمنين جي ڀر ۾ بتي توڙي چمني جي روشني لاءِ پريشان اٻوجھ ڳوٺاڻن سان ٿيندڙ زيادتين کي پڻ ڪنايو وڃي. ڪول ڪمپنين جي اھڙين زيادتين جو شڪار ھڪ ڳوٺاڻو ڪڪو مھراڻ پوٽو پڻ آھي جيڪو پنهنجي زمين جي معاوضي لاء در در ڀٽڪي سراپا احتجاج ھوندي بي دربدري واري زندگي جي عالم ۾ آهي پر ساڻس ڪنهن به سڏ نه ورنايو آهي، اهڙي ريت ڪيترائي ڪڪو جهڙا منهنجي ڌرتي جا وارث پنهنجن حقن لاء روڊن تي آهن. ٻي پاسي وري جڏهن ڪوئلي کي کڻڻ لاء ريلوي لائين جو ٽريڪ تيار ڪيو پيو وڃي ته اتي ڪيسرو ميگھواڙ جهڙا ڪيترائي پنهنجي مائٽاڻي ملڪيت جا وارث دانهون ڪري رهيا آهن پر انهن کي ڪوبه جائز معاوضو ڏيرائڻ جو دلاسو نٿو ڏي.  حالانڪه ٿر ۾ ڪم ڪندڙ سرمائيدار ڪمپنين ھتي ڪم شروع ڪرڻ کان پھرين سماجي، ماحولياتي توڙي ثقافتي طعه شده قانونن پٽاندر ڪم ڪرڻ جا سرڪار سان پسي پرده معاھدا ته ڪيا ھوندا پر اھڙن معاهدن جي زمين تي عملي پيروي ڪرڻ بجاءِ سي پيڪ جو خوف ڏيئي ماڻهن جي حق تلفي سينه زوري سان جاري آهي.