ڪولمبو (اسپورٽس نيوز) ٽين سارڪ سنوڪر چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي رانديگرن پنهنجي مخالفن کي مات ڏئي ايونٽ جي شروعات فتح سان ڪئي. سريلنڪا جي شهر ڪولمبو ۾ جاري سارڪ سنوڪر چيمپيئن شپ ۾ عالمي سنوڪر چيمپيئن محمد آصف پهرين ڏينهن پنهنجون ٻئي ميچز کٽي ورتيون ۽ محمد نسيم اختر به پنهنجي پهرين ميچ کٽي ورتي. چيمپيئن شپ ۾ رائونڊ ليگ جي پهرين ميچ ۾ گروپ اي جي ٽاپ سيڊ 3 ڀيرا عالمي چيمپيئن محمد آصف ميزبان مورو گيسو پرٿاپ کي آسان مقابلي کانپوءِ 0-4 تان شڪست ڏئي ڇڏي. عالمي چيمپيئن پنهنجي ٻي ميچ ۾ بنگلاديش جي احمد نظام الدين کي 1-4 تان شڪست ڏني. گروپ اي ۾ ٽاپ سيڊ اڳوڻي ورلڊ جونيئر چيمپيئن محمد نسيم اختر ميزبان سريلنڪا جي سوسنٿا بوٿيجو کي 0-4 تان شڪست ڏئي آساني سان فتح حاصل ڪري ورتي.