ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اڀرندڙ اداڪارا ساره علي خان سوشل ميڊيا تي پنهنجي انداز ۾ ڪيترين ئي پوسٽن جي لاءِ به ڪافي شهرت رکندي آهي. هوءَ ڪوبه اهڙو ايونٽ هٿان وڃڻ نه ڏيندي آهي جنهن ۾ مزاح جا عنصر نه ڳولي لهي. پهرين اپريل سڄي دنيا ۾ اپريل فول جي نالي سان سڃاتو ويندو آهي جنهن مان ماڻهو هڪ ٻئي سان مذاق ڪندا آهن. هن عالمي ڏينهن تي به ساره علي خان پنهنجي مزاح کان نه مڙندي انسٽاگرام اسٽوري ۾ هڪ وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ مختلف قسمن جا فروٽ ٽوڪريءَ ۾ رکيل هئا ۽ هوءَ ان فروٽ کي کائي رهي هئي. ساره علي خان ڪيپشن لکيو ته “هيپي اپريل فروٽ ڊي” اپريل فول جي موقعي تي ذائقيدار فروٽ جي وڊيو شيئر ڪندي ساره علي خان پنهنجي مداحن سان اپريل فول ملهايو ۽ اپريل فول کي اپريل فروٽ ملهائڻ جي صلاح ڏني آهي، اهو ته اها پاڻ ئي ٻڌائي سگهي ٿي. پر اپريل فول جي ڏينهن هن جي هيپي اپريل فروڊ ڊي جي وڊيو گهڻي وائرل ٿي ۽ مداحن مزي مزي جا ڪمنٽس لکيا. هڪ واهپيدار لکيو ته ايترا بهترين ڦل ڏسي منهن ۾ پاڻي اچي ويو.