ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا عنايا خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ڊگهو قد، سادگيءَ وارا ۽ گهٽ ڳالهائيندڙ مرد پسند آهن ٿا، جڏهن ته واتوڙا مرد کيس قطعي ناهن وڻندا.عنايا خان تازو هڪ ٽاڪ شو ۾ شرڪت دوران دلچسپ ڳالهيون ڪيون، جتي هن ٻڌايو ته افغان ڪرڪيٽر راشد خان سان سنيپ چيٽ تي وقت به وقت ڳالهه ٻولهه ٿيندي رهندي آهي.هن ٻڌايو ته ”منهنجي راشد خان سان ملاقات سنيپ چيٽ تي هڪ گڏيل دوست ذريعي ٿي، ان کانپوءِ اسان وقت به وقت رابطي ۾ رهندا آهيون، هو منهنجون تصويرون ڏسي سمجهي ويو ته مان اداڪارا آهيان، پوءِ سلام دعا جو سلسلو شروع ٿيو.“عنايا واضح ڪيو ته سندن جي وچ ۾ رڳو دوستاڻو تعلق آهي، ڇو ته راشد خان اڳ ئي شادي شده آهي. اداڪارا وڌيڪ ٻڌايو ته ”راشد خان منهنجي شوٽس بابت پڇندو آهي ۽ جڏهن به هو پاڪستان يا ڀارت خلاف سٺو پرفارم ڪندو آهي ته مان کيس پيغام موڪلي سندس واکاڻ ڪندي آهيان.“پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندي عنايا چيو ته هن جي نظر ۾ ڊگهو قد وارا، سُلڇڻا ۽ گهٽ ڳالهائو مرد وڌيڪ پرڪشش هوندا آهن، جڏهن ته حد کان وڌيڪ ڳالهائيندڙ يا واتوڙا مرد کيس بلڪل ناهن وڻندا.