ٽنڊو آدم (ن پ ا) ٽنڊو آدم ۾ سائين جي ايم سيد جي سياسي جدوجهد ۽ ڪردار تي جسم پاران سيمينار ڪيو ويو، جنهن ۾ قومپرست اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي رياض چانڊيو خطاب ڪندي چيو ته سائين جي ايم سيد  زندگي جا 33 سال جيل ۽ نظربندي ۾ گذاريا، هن چيو ته سنڌ هزارين سال اڳ وطن هو جنهن جا وارث سنڌي آھن، سنڌي هڪ  قوم آھيون، هن چيو ته  وفاقي پارٽين وٽ سنڌ جي ڀلائي جو ڪو به پروگرام ناهي، هن چيو ته درياهه سڪي رهيو آھي، پنجاب 91 ٺاهه تي عمل ڪرڻ بجاءِ اسان جي مٺي پاڻي تي ڌاڙو هڻي گدلو پاڻي ڇڏي رهيو آھي.