سائين جي ايم سيد کي سالگرهه تي ڀيٽا پيش

0
90

 سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي سوشل ميڊيا تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي، سندس قول، تقريرون، تصويرون، وڊيوز ۽ ڪتاب شيئر ڪندي هيپي برٿ ڊي جي ايم سيد ٽرينڊ هلايو ويو، ان سلسلي ۾ زين شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مفڪر عالم انسانيت ۽ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي 120ھين سالگرھ جون مبارڪون، آزاد پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اصولي سياست ۾ جي ايم سيد 30 سال جيل ڪاٽيو بيشمار ڪتاب لکيا، هڪ به ڪرپشن جو ڪيس ثابت نه ٿيو، نثار اڪبر ۽ سرمڻ بروهي به پوسٽ شيئر ڪئي، رخسانه هاليپوٽو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته جي ايم سيد  جي جنم سان گڏ ھر ھڪ باغي جو  اڄ جنم آھي،اڄ جو ڏينھن آزادي جي عاشقن جي نانءُ، ارم ابڙو جي ايم سيد جو قول شيئر ڪيو ته خدا سائين انھن ماڻھن تي وڏي رحمت ڪري ٿو جي اھڙو رستو وٺن ٿا، پنھنجو خون مٽيءَ ۾ ملائي، جو پنھنجي وطن جي آزاديءَ جي لاءِ مشعل راھ ٿي ڪم اچي ۽ اھو سَلو پوکن ٿا جنھن سَلي پوکڻ سان قومون پنھنجون زندهه ٿين ٿيون…!

ثنا بڪڪ شعر سان ڀيٽا پيش ڪندي لکيو ته

ڀُـلِيو سَڀُ ڀَنڀورُ، جو پُٺِيءَ هوتَ نه هَليو

شَهرَ سُڃاتو ڪِينَ ڪِي، آرِياڻِي اَتور

ماڻِيو تنِين مورُ، ديکِيو جنِين دِلِ سين.

ستار زنگيجو ۽ سالار راهوجو جي ايم سيد جا ڪتاب شيئر ڪندي جنم ڏينهن جون مبارڪون ڏنيون، حق ابڙو، سورٺ سنڌي به جنم ڏينهن جي پوسٽ شيئر ڪئي، خالد ڪوري به ان حوالي سان پوسٽ شيئر ڪئي، ايڊووڪيٽ نواب بڙدي پوسٽ شيئر ڪئي ته سائين جي ايم سيد مون کي مدرسن جي ماني ڇڏرائي جيل جي دال کارائي، اها صرف جي ايم سيد جي طاقت هئي جنهن هڪ مولوي کي جيل جي دال کائڻ تي فخر ڪرايو هو جنهنجي ننڍڙي ڳوٺ ۾ سنڌ صدين جا ٿڪ لاھڻ جا خواب ڏٺا. (عبدالواحد آريسر) ياسين رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته مذھبي، سياسي، نظرياتي، ۽ اقتصادي اختلافن جي باوجود به ھڪ ٻئي سان روادارانه طور رھي سگھجي ٿو. ليڪن ان لاءِ بنيادي ڳالھه اھا آھي ته خود مطلبي ڇڏي استحصال جي روش کي خيرباد چئي، پاپڪاريءَ جي جذبي سان ٻين جي حقن کي تسليم ڪري انھن سان ھٿ چراند نه ڪجي.( سائين جي ايم سيد) دريا خان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته

اسان سموريون لذتون اٿاھه پيار سڀ ڇڏي

حسين يار سڀ ڇڏي وصل خوشي گنوائي آ

اي ديس تنهنجي ئي ڪري ھي زندگي گنوائي آ.

افروز ڪٽپر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته شڪست نه کائڻ وارو ارادو، پريشان نه ٿيڻ وارو خيال، ختم نه ٿيڻ واري جدوجهد ڪاميابي جي ضامن آهي (جي ايم سيد) استاد راهي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته اھا سنڌ جي وجود جي بقاجي پھرين وک آھي ته اڄ جيڪڏھن سنڌ ۾ سنڌ جي ڳالھه ٿئي ٿي ته ان جو بنياد وجھندڙ جي ايم سيد آھي، شانل کوسو لکيو ته نه آءُ اوهان جو مرشد آهيان نه اوهان منهنجا مريد آهيو اوهين سڀ آزاد آهيو اسين سماجي طور سڀ انسان برابر آهيون. ( جي ايم سيد) مرڪ منان پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وطن جون عظمتون ۽ سرحدون مذھبن ۽ عقيدن کان وڌيڪ مقدس ٿينديون آھن (جي ايم سيد) علي حسن ملاح، عرفان گوپانگ، زاهد شيخ، مريم سنڌي، سعيد سانگري، ڊاڪٽر علي حسيب قاضي، مرڪ الاهي بڪڪ، اختر ٻانڀڻ، مهدي حسن سنڌي، ثريه مخدوم، ديوان پريم ڀيل، آڪاش ملاح، حنيف راڄڙ، ڪريم بخش خاصخيلي، غلام شبير پالاري، مهراڻ علي، خان بلوچ، آصف علي حاجاڻو، سنڌو حزب الله، اقبال ڊي پي، رياض،مير نادر جمالي، زبير ڪنڀر ۽ ٻين به سائين جي ايم سيد کي ڀيٽا پيش ڪئي.