ٽنڊو محمد خان ( رپورٽر )  جيئي سنڌ هلچل جي باني سائين جي ايم سيد جي 121 وهين سالگرهه رهبر ڪميٽي طرفان گڏيل طور سن ۾ ملهائڻ جو اعلان  ڪيو ويو آهي.. جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته  سنڌ دشمن سازشن خلاف گڏيل جدوجهد جو آغاز آهي سنڌو تي 6 نوان ڪينال ٺاهڻ وارو سنڌ دشمن منصوبو سنڌ جي لکين ايڪڙ آبادي واري زرعي زمين کي هميشه لاءِ تباهه ڪري پنجاب جي وارياسي چولستان واري غير آباد زمين کي آباد ڪرڻ سان سنڌ جي زراعت مڪمل تباهه ٿي ويندي . هن منصوبي کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو نه وري سنڌو تي ڪو ڌاڙو هڻڻ ڏنو ويندو . جيئي سنڌ رهبر ڪميٽي جي طرفان سائين جي ايم سيد جي 121 سالگرهه ملهائڻ لاءِ اعلان ڪيل هڪ ئي تقريب ۾ جسقم ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي  گروپ ، جيئي سنڌ محاذ علي نواز ڀٽو گروپ سميت جيئي سنڌ جي سمورن گروپن کي 17 جنوري تي گڏيل طور هڪ ئي تقريب ڪرڻ جي پهريون ڀيرو عملي ڪوشش ڪئي وڃي پئي . ان باوجود ڪو گروپ الڳ تقريب ڪوٺائي ٿو ته ان تي رهبر ڪميٽي طرفان ڪو به اعتراض نه ڪيو ويندو . سڀني ڌرين کي سائين جي ايم سيد  جي سالگرهه ملهائڻ جو حق حاصل آهي . سائين جي ايم سيد جي شخصيت سنڌ لاءِ عظيم مثال آهي جنهن جو تقدس اعلي مقام رکي ٿو . هن چيو ته . سنڌ ڄائي معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي توڙي سنڌ مان اغوا ٿيندڙ سنڌين جي رهائي لاءِ سائين جي ايم سيد جا ڪارڪن سڀ کان اڳتي آهن . پريا ڪماري کي حڪمرانن جي آشرواڌ سان ڏوهاري ٽولي قيد ڪيو آهي . جنهن جي بازيابي لاءِ جدوجهد سندس رهائي تائين جاري رهندي . 17 جنوري تي سن ۾ رٿيل سالگرهه واري تقريب ۾ گڏيل طور سنڌو تي 6 نوان ڪينال اڏڻ جي سازش خلاف حڪمت عملي جوڙي جدوجهد جو اعلان ڪيو ويندو . جنهن ۾ پنجاب ڏانهن ويندڙ سمورا رستا ، گهاٽ ، روڊ بند رکيا ويندا . سنڌ جي حقن تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏنو ويندو