سائين جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي بشير شاهاڻي جو مڙهه آمريڪا کان ڏيهه منتقل، سن ۾ تدفين

0
132
سائين جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي بشير شاهاڻي جو مڙهه آمريڪا کان ڏيهه منتقل، سن ۾ تدفين
سائين جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي بشير شاهاڻي جو مڙهه آمريڪا کان ڏيهه منتقل، سن ۾ تدفين

سن (رپورٽر) سائين جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي بشير شاهاڻي جو مڙهه آمريڪا کان ڏيهه منتقل، سن ۾ تدفين ڪئي وئي

سائين جي ايم سيد جي ويجهي ساٿي بشير شاهاڻي جو مڙهه آمريڪا کان ڏيهه منتقل ڪيو ويو، سوڳ ۾ سن شهر بند ٿي ويو

بشير شاهاڻي جو مڙهه سن ۾  جنازي نماز بعد سائين جي ايم سيد جي  پيراندي کان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، بشير شاهاڻي جي آخري رسمن ۾ سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه، رياض چانڊيو، ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ ٻيا اڳواڻ شريڪ ٿيا

صوفي راڳي مانجهي فقير پاران صوفي راڳ ڳائي بشير شاهاڻي کي ڀيٽا پيش ڪئي، بشير شاهاڻي جو مڙهه ڪراچي ايئرپورٽ کان سندس وڏي پٽ بلاول شاهاڻي، منير حيدر شاهه ۽ ٻين سن پهچايو

بشير شاهاڻي آمريڪا ۾ لاڏاڻو  ڪري ويو هو، سندس وصيت موجب  سن ۾ تدفين ڪئي وئي