سائين جي ايم سيد جو سياسي ڪيريئر گذريل صديءَ جي لڳ ڀڳ ٽن چوٿائين تائين محيط هو، جنهن دوران هن سنڌ جي تقدير کي سنوارڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سياست ۾ سندس شموليت جي شروعات ننڍي عمر ۾، صرف 15 سالن جي ڄمار ۾، خلافت تحريڪ دوران ٿي. هن پنهنجي سياسي لکڻين ۾، ننڍڙي قد سبب ٽيبل تي بيهي تقريرون ڪرڻ واري دور تي به لکيو آهي. جي ايم سيد جي سياسي سفر جي شروعات ڪانگريس پارٽيءَ سان ٿي، جتي هُو گانڌيءَ جي فلسفي کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ سڄي زندگي ان فلسفي کان متاثر رهيو. 1938ع تائين، سيد سرگرم ڪارڪن طور ڪانگريس ۾ حصو ورتو، سنڌ جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ پٽيل، آزاد ۽ نهرو جهڙن وڏن اڳواڻن سان مختلف گڏجاڻين ۾ بحث مباحثو ڪندو رهيو. بعد ۾، هُو پارٽيءَ جي مرڪز پسند سوچ کان مايوس ٿيو ۽ محسوس ڪيائين ته، ڪانگريس سنڌ جهڙن ڏورانهن علائقن جي ضرورتن کي نظرانداز ڪيو آهي. 1925ع ۾ گانڌيءَ سان ملاقات سميت سندس ٻين ڪوششن جي باوجود، سيد کي معلوم ٿيو ته ڪانگريس سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ لاءِ مناسب حمايت ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي ۽ صوبائي مسئلن کي نظرانداز ڪري ٿي. 1938ع ۾ هن مسلم ليگ ۾ شموليت اختيار ڪئي ۽ پوءِ سنڌ مسلم ليگ جو صدر به ٿيو. سندس اڳواڻيءَ ۾، ليگ جو فڪر تيزيءَ سان ڦهليو، هڪ ننڍي اشرافيه گروپ کان هزارين ميمبرن تائين پارٽيءَ جي ميمبرشپ ٿي ۽ مسلم ليگ سنڌ ۾ عوامي جماعت بڻي. جيتوڻيڪ سيد جا جناح سان نظرياتي اختلاف هئا، پر هن ئي 1943ع ۾ سنڌ اسيمبليءَ مان ٺهراءُ پاس ڪرايو ۽ پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، اهو هڪ تاريخي ٺهراءُ هو، سڄي ننڍي کنڊ مان سنڌ ئي پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڪرڻ واري پهرين اسيمبلي هئي. نظرياتي اختلافن سبب آخرڪار 1946ع ۾ سيد، مسلم ليگ کان ڌار ٿي ويو.
ڪانگريس ۽ مسلم ليگ سان وابستگيءَ کان علاوه جي ايم سيد صوبائي سياست ۾ به حصو ورتو. 1936ع ۾ هن سنڌ يونائيٽيڊ پارٽيءَ جو بنياد وڌو، جنهن ۾ سنڌ جون نامور شخصيتون جهڙوڪ الله بخش سومرو، عبدالله هارون ۽ ٻيا شامل هئا. اهو سيد جي سياسي سفر ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل ثابت ٿيو، جيئن هن نئين سياسي اداري ذريعي علائقائي ضرورتن ۽ سنڌ جي مفادن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي. ورهاڱي کان پوءِ جي ايم سيد شروع کان ئي ثابت قدمي سان صوبائي خودمختياري جي حمايت ڪئي. 1948ع ۾ هن لياقت علي خان کي ڪيئي خط لکيا ۽ نئين ملڪ ۾ پنهنجيون خدمتون آڇڻ جي به ڳالھ ڪئي پر کيس رد ڪيو ويو ۽ هن کي اڪيلائي ئي ملي. سيد پنهنجي سياسي سفر کي خان غفار خان، عبدالصمد اچڪزئي ۽ مولانا ڀاشاني جهڙن هم خيال اڳواڻن سان گڏ جاري رکيو. بعد ۾ هن ننڍين صوبن جي قومپرست سياستدانن، جن ۾ شيخ مجيب، ولي خان ۽ ٻيا شامل هئا، سان گڏجي مختلف پليٽ فارمن تان جدوجهد ڪئي. سيد پنهنجي سڄي ڪيريئر دوران مقامي ماڻهن جي حقن ۽ آئيني خودمختياريءَ لاءِ آواز اُٿاريندو رهيو.
بهرحال، 1971 هڪ اهم موڙ هو، جنهن کانپوءِ هن پنهنجي مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ علحدگيءَ ڏانهن ڌيان ڏنو. سائين جي ايم سيد سڄي ڄمار سکندو رهيو ۽ اڻٿڪ محنت ڪندو رهيو، مسلسل پنهنجي خيالن ۾ تبديلي آڻيندو رهيو ۽ ضرورت جي مطابق پنهنجي سياسي طريقيڪار کي تبديل ڪندو رهيو. هو پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ قيد ۾ رهندڙ سياستدانن مان هڪ هو، سندس قيد ۾ رهڻ وارو اهو عرصو لڳ ڀڳ ٽيهه سال آهي. هُو انهن چند سياستدانن مان هڪ آهي، جن پنهنجي سياسي غلطين بابت گهڻو لکيو آهي. سنڌ جي بمبئيءَ کان علحدگيءَ جي جدوجهد ۾ سيد اهم ڪردار ادا ڪيو هو، هن ان جدوجهد جي تاريخ کي هڪ ڪتاب ۾ به قلمبند به ڪيو. سندس ادبي خدمتن ۾ مضمون، ثقافتي سرگرميون ۽ شاهه لطيف جي شاعريءَ جي جديد تشريح شامل آهن. هن هزارين ماڻهن کي متاثر ڪيو، خاص ڪري شاگردن کي. جي ايم سيد ون يونٽ ۽ ايوب خان جي راڄ خلاف ثقافتي محاذ بزم صوفياءِ سنڌ جو بنياد وڌو. سيد پنهنجي ساٿين ۽ دوستن جي سياسي جدوجهد ۽ زندگيءَ جو تفصيلي احوال به لکيو، ان سان گڏ پنهنجي سوانح عمري به لکي آهي. هو پنهنجي نظرئي تي ثابت قدم رهيو ۽ پنهنجي اصولن تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪيائين. پنهنجي لازوال ادبي ۽ سياسي ڪم سان، هن سنڌي قوم لاءِ هڪ سياستدان، مفڪر ۽ رهنما جي حيثيت ۾ انمول نشان ڇڏيا. سيد جي سياسي ڪيريئر جي ذڪر کان سواءِ سنڌ جي تاريخ نامڪمل آهي پر سندس عظمت سياست کان اڳتي به آهي. هُو هڪ بهترين ليکڪ هو، سندس ادبي ڪم تاريخ، سياست، مذهب ۽ تصوف سميت مختلف موضوعن تي مشتمل آهي. هن تاريخ کي رڪارڊ ڪرڻ جي اهميت کي تسليم ڪيو ۽ هن فيلڊ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. جي ايم سيد هڪ گهڻ رخو فرد هو – دانشور، ليکڪ ۽ سياسي تاريخدان هو. علامه آءِ آءِ قاضي کان تمام گهڻو متاثر هو. قاضي صاحب کي پنهنجو مرشد سمجهندو هو، هن جي ئي رهنمائي سيد کي سماجي ڪم ۽ سرگرميءَ لاءِ همٿايو.
سندن خط و ڪتابت، بعد ۾ سيد صاحب هڪ ڪتاب ۾ مرتب ڪئي آهي، جنهن ۾ سندن خيالن جو تبادلو نمايان آهي. ننڍي کنڊ جي 9 وڏين شخصيتن تي سيد جو ڪتاب، جن ۾ سر سيد احمد خان، مولانا جوهر، گانڌي ۽ جناح شامل آهن، انتهائي اهم تاريخي ۽ سياسي دستاويز آهي. هِي ڪتاب سياسي ادب ۽ تاريخ ۾ سيد جي اهم ڪم کي ظاهر ڪري ٿو، انهن شخصيتن جي زندگين ۽ ورثي بابت قيمتي بصيرت پيش ڪري ٿو. ايوب خان جي دور ۾ سائين جي ايم سيد لڳ ڀڳ اٺن سالن تائين گهر ۾ نظربند رهيو، اهو دور سندس زندگيءَ جو انتهائي ڪارائتو دور ثابت ٿيو. محدوديتن جي باوجود، سيد ان وقت کي استعمال ڪندي پنهنجا اهم ۽ شاهڪار ڪتاب تخليق ڪيا، جن ۾ سندس اهم لکڻيون شامل آهن، جيڪي اڳتي هلي ادبي ۽ سياسي حلقن ۾ مشهور ٿيون. قيد جو هي دور، هن جي علمي ۽ تخليقي واڌ ويجهه لاءِ هڪ زرخيز دور رهيو، جنهن کيس پنهنجي سوچن ۽ خيالن جي اونهائي ۾ گهڙڻ جو موقعو ڏنو، ۽ آخرڪار ادب ۽ سياست جي دنيا تي هڪ انمول نشان ڇڏيندڙ سندس ڪم سامهون آيو. سنڌي قومپرستيءَ جون پاڙون سيد جي دور کان اڳ به هيون، پر هن ئي پنهنجي لکڻين ذريعي ان کي مضبوط ڪيو.
قومپرستي جي سوال تي سياسي سرگرميءَ کان سواءِ، سيد سنڌي سڃاڻپ تي ادبي ۽ فڪري ڪم ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن سنڌ جي تاريخ، ان جي ثقافت ۽ تمدن ۽ سنڌ جي سورمن جي ڪارنامن تي ڪتاب تصنيف ڪيا، جيڪي سنڌي قومپرستي جي هڪ نمايان علامت بڻجي ويا. پنهنجي جامع ۽ پرجوش ڪم ذريعي، سيد سنڌي حقن جي علمبردار ۽ سنڌ جي خودمختاري جي هڪ مضبوط نمائندي طور پنهنجي حيثيت کي مضبوط ڪيو.
سنڌي ماڻهن ۾ قوميت جو جذبو پيدا ڪرڻ جو اعزاز جن ماڻهن کي حاصل آهي، سائين جي ايم سيد انهن مان هڪ آهي. سنڌ ۽ ان جي عوام سان محبت سندس اڻٿڪ سياسي جدوجهد ۽ ادبي ڪمن مان ظاهر ٿئي ٿي. هو مذهبي رواداري ۽ هم آهنگي تي يقين رکندو هو، جنهن کي حبيب جالب جي لفظن ۾ بيان ڪري سگهجي ٿو:
“اس سا هندو نه ڪوئي، اس سا مسلمان يارو”
ساحر لڌيانويءَ لاءِ جالب جا لکيل اهي لفظ سائين جي ايم سيد جي جامع شخصيت جي مڪمل ڇنڊڇاڻ ڪن ٿا. سيد پنهنجي ڪم ۽ ورثي جي ذريعي سنڌ جي ڪيئي نسلن کي متاثر ڪيو. سنڌي سڃاڻپ ۽ ثقافت جي سچي چيمپيئن جي حيثيت سان سائين جي ايم سيد خاص مقام رکي ٿو.