سائيفر وارو معاملو اڳواٽ رٿيل ڊرامو هو: اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جو عدالت ۾ بيان

0
307
سائيفر وارو معاملو اڳواٽ رٿيل ڊرامو هو: اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جو عدالت ۾ بيان
سائيفر وارو معاملو اڳواٽ رٿيل ڊرامو هو: اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري جو عدالت ۾ بيان

اسلام آباد: پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري اعظم خان جڊيشل ماجسٽريٽ آڏو بيان ڏنو آهي ته سائيفر وارو معاملو اڳواٽ رٿيل ڊرامو هو، پي ٽي آءِ چيئرمين ان ڊرامي کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو

ذريعن موجب اعظم خان پنهنجي 164 واري بيان ۾ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته سائيفر کي غلط رنگ ڏئي عوام جو بيانيو تبديل ڪندس

بيان ۾ چيو ويو آهي ته سائيفر جي معاملي تي ڪابينا جي سمورن ميمبرز کي ملوث ڪيو ويو، سڀني کي ٻڌايو ويو ته سائيفر کي ڪيئن استعمال ڪري سگهجي ٿو

ذريعن موجب اعظم خان پنهنجي اعترافي بيان ۾ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين سموريون حقيقتون لڪائي سائيفر جو ڪوڙو ۽ بي بنياد بيانيو گهڙيو، بي اعتمادي رٿ کان بچڻ لاءِ سائيفر کي پرڏيهي سازش جو رنگ ڏنو ويو

اعظم خان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين 9 مارچ تي مون کان سائيفر ورتو ۽ بعد ۾ گم ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ چيئرمين سائيفر ڊرامي ذريعي عوام ۾ ملڪي سلامتي جي ادارن خلاف نفرت جو ٻج پوکيو، سائيفر کي ڄاڻي واڻي ملڪي سلامتي جي ادارن ۽ آمريڪا جي ملي ڀڳت جو رنگ ڏنو ويو

پي ٽي آءِ چيئرمين منع ڪرڻ باوجود ڳجهي خط کي ذاتي مفادن خلاف هڪ عوامي جلسي ۾ ڦڙڪايو، پي ٽي آءِ چيئرمين جي اعظم خان سان ڳالهه ٻولهه واري هڪ آڊيو به ليڪ ٿي هئي

ليڪ ٿيل آڊيو ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين چئي رهيو هو ته اسان کي بس کيڏڻو آهي، آمريڪا جو نالو ناهي کڻڻو

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ چيئرمين عورت جج کان عدالت ۾ بيهي معافي وٺي ڇڏي