سائنس ڏانهن سستي ڇو؟

0
187
سائنس ڏانهن سستي ڇو؟

 اسان جي اسڪولن جي ڇا ڳالهه ڪجي.؟ پوءِ اهي سرڪاري هجن يا غير سرڪاري. اڄ ڪلهه پاڻ هر گهٽي ۾ هڪ غير سرڪاري اسڪول ضرور ڏسندا آهيون جتي استادن کي ٻه ، ٽي ، پنج هزار ڏئي ڪم ورتو وڃي ٿو. ڏسڻ ۾اهو ايندو آهي ته استاد به انهي پگھار ۾ خوش لڳا پيا هوندا آهن. ڇو؟غير سرڪاري اسڪولن جي ڳالهه ڪجي ته سرڪاري اسڪول ڪيئن نه پويان رهجي وڃن. اتي پگھارون غير سرڪاري اڪول جي  ڀيٽ ۾ چڱيون آهن پوءِ به هڪ استاد جي حساب سان مناسب نه آهن.

انهن اسڪولن ۾ جيئن ته اسان کي خبر آهي نيشنل ڪريڪيولم مطابق مختلف مضمون پڙهايا ويندا آهن. اڄ هتي اسين سائنس کي سمجھڻ جي ڪوشش ڪندا سين. ڪير اهو ٻڌائيندو سنڌ ۾ پوئين ڏهن سالن ۾ ڪيترا نيوٽن پئدا ٿيا آهن. ڪو آرڪيمڊس  پئدا ٿيو هجي . حسابن جي دنيا جو ماهر. ڀلا ڪو البرٽ آئنسٽائن ٿيو هجي جنهن فزڪس ۾ ڪارناما ڪيا. ڪير وري ٿامس ايڊيسن ٿيو جنهن مسلسل سوَ ڀيرا هڪ بلب ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي نيٺ ڪامياب ٿيو.

 هڪ ناميارو سائنسدان سٽيفن وليم هاڪنگ ٿئي ڪير.؟  جنهن   معذوري باوجود  وڏا ڪرشما ڪري ڏيکاريا . سوشل ميڊيا تي  مذاق واري انداز ۾ لکيل هڪ پوسٽ  پڙهي هئم ته اسان وٽ جيڪڏهن اسٽيفن پئدا ٿئي ها ته ڪنهن درگاهه تي ويٺو پني ها .هنن هي مذاق ۾  ڳالهه ڪري ڇڏي پر اها سوچ آخر ڇو آهي.؟  ڇو اسان جا ٻار سڀاڻي جا سائنسدان نٿا ٿي سگھن يا نه ٿيندا. انهن قدآور شخصتين کان علاوه به ڪيترا ئي انسان آهن جن دنيا ۾ نالو ڪمايو آهي  مثال طور : جان ڊالٽن جنهن ڪئميسٽري ۾ ائٽامڪ ٿيوري ڏني.  وليم ٿامسن جيڪو گلاسگو يونيورسٽي ۾ نيچرل فلاسافي  جو پروفيسر هو ، جنهن ڪيلون ٽئمپريچر اسڪيل متعارف ڪرايو.  ميري ڪيوري جيڪا  ريڊيو ايڪٽيوٽي ٻڌائيندڙ آهي ۽ پهرين عورت جنهن نوبل پرائيز ماڻيو.

هي واحد خاتون آهي جنهن  ٻه دفعا نوبل پرائيز کٽيو آهي. چالس بيبيج  جنهن ڊجيٽل پروگراميبل ڪمپيوٽر سان روشناس ڪرايو . اهو تاريخ ۾ “ فادر آف ڪمپيوٽر”  پڻ سمجھيو وڃي ٿو. هي سڄي دنيا  جون ويب سائٽس ڏٺيون وڃن ٿيون جيڪي ويب برائوزر سڏجن ٿيون  يعني ورلڊ وائيڊ ويب  ، ان جو موجد  ٽم برنرز  لي   آهي.  اسان هڪ ملڪ کان ٻئي ڏانهن جيڪو سفر ڪريون ٿا  توهان سڀ ڄاڻو ٿا  ايئر پلين،   جيڪو رائيٽ برادرز ايجاد ڪيو.

 اليڪٽريسٽي سان ڳانڍاپيل مختلف دريافيون آهن جيڪي فرينڪلن سائنسدان جي حصي ۾ آيل آهن. فرينڪلن ڪٿي چوي  ٿو :

 “Science and everyday life cannot and should not be separated.”

اسان سائنس کي غير اهم سمجھون ٿا يا اسان کي سائنس پڙهائڻ لاءِ استاد نه آهن يا اسان جي استادن کي ٺيڪ نموني  سان پڙهائڻ جو طريقو نٿو اچي.  يا کڻي ايئن چئون ته اسان وٽ اهي سهولتون نه آهن جيڪي سائنس پڙهائڻ لاءِ گھربل آهن. سائنس اسان جي زندگي جو هڪ جز آهي جنهن کي پاڻ کان الڳ ڪري ئي نٿو سگھجي، ۽ نه وري ان کي مناسب طريقي سان سکڻ بنا  زندگي جي ڊوڙ ۾ اڳيان وڌي سگھجي ٿو.

بنگلاديش جيڪو اسان کان پوءِ آزاد ٿيو سو اڄ پاڻ کان تعليم جي معاملي ۾ تمام اڳيان آهي. ڀارت جنهن سان تقريبن اسان جهڙا مسئلا آهن اهو به سائنس ٽيڪنالاجي ۾ اسان کان اڳتي آهي. اسين بحيثيت سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ملڪ لاءِ ڇا ڪري رهيا آهيون سائنس جي ميدان  ۾؟ پراڻن ڪجھه سالن جا ٽيڪسٽ بوڪس ڏسندوَ ته ان ۾ استادن کي  ٻارن پڙهائڻ ۾ ڪافي   محنت   ڪرڻي پوندي  هئي . پر اسان جو ادارو سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جنهن سان ڪجھه ڳالهين تي اختلاف پنهنجي جاءِ تي پر ان ڳالهه جي ساراه ڪبي .

ان هن سال ته اهڙا زبردست رنگين تصويرن سان  ڪتاب ڇپيا آهن  جو استاد کي ايتري  محنت ڪرڻ جي هاڻي ضرورت ڪونهي.  اسان ڇا پڙهايون پيا. اهو ڪيئن پڙهائجي ۽ ان جو مقصد ڪهڙو آهي سڀ ٺهيو پيو آهي. پنهنجي سليبس جي ڄاڻ سان گڏوگڏ ان سان لاڳاپيل ڪجھه ايڪسٽرا ڄاڻ پڻ ڏني وئي آهي . ٻارن کي ماڊرن دنيا  سان ڳنڍي رکجي ان لاءِ ڪمپيوٽر جو استعمال ٻار خود ڪري يا پنهنجي وڏي ڀاءُ ڀينرن کان پڇي اچي ، ڪجھه اهڙي نوعيت سان سوال پڻ سيٽ ڪري ڏنا ويا آهن. ايئن کڻي سمجھو سيرو تيار ڪري ڏنو اٿن بس کائڻ وقت گرم ڪري اسان  جي استادن کي کارائڻو آهي.

با وجود ان جي، ٻارن جي گھڻائي کي بيسڪ ڪانسيپٽ جي خبر نٿي هجي ته  جيڪو هو پڙهن پيا اهو آهي ڇا ؟ ڪٿي آهي ؟

ڪتاب ۾ هر چيپٽر جي آخر ۾ اختصار جو هڪ صفحو هوندو آهي، ان کي پڙهائڻ يا ورجائڻ استاد گھڻي ڀاڱي ضروري نه سمجھندا آهن. بس آخري ۾ ڏنل چار پنج سوال ڪرايا ويندا آهن جيڪي گھڻو ڪري استاد مارڪيٽ مان ورتل گائيڊ مان لکرايو ڇڏين.

ايئن ڪونهي جو اسان  وٽ جتي ڪٿي اهو حال آهي. ڪجھه اهڙا اسڪول به آهن جيڪي پنهنجو ڪم انتهائي سٺي نموني ڪري ڏيکاريندا آهن. جتي مختلف سرگرميون به ٿينديون آهن ۽ جتي ماڊرن دنيا  وانگر ٻارن جا مقابلا رکيا ويندا آهن. سائنس ايگزيبشن ڪرائي ويندي آهي  ۽ ڪلاسن ۾ سڀ تجربا پڻ ڪرايا ويندا آهن.

انهي ڪري اسان جي معاشري ۾ جيڪو سڌار باقي آهي اهو انهي جي بدولت آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به تعليم جي ميدان ۾ ڪجھه به سٺو ڪريون ٿا ته ان جو ڪريڊٽ يقينن اهڙن اسڪولن کي ڏنو ويندو.

سنڌ جي سڀني ضلعن ۾ ۽ ضلعي جي سڀني تعلقي جي سمورن اسڪولن ۾ بهترين نموني ڪم ٿئي ان لاءِ ڇا ڪرڻ گھرجي؟

آئون سمجهان ٿي اسان کي پنهنجي سرڪاري اسڪولن جي مالڪي ڪرڻي پوندي، نه فقط سرڪاري پر غير سرڪاري اسڪولن جي حڪومت جي مدد سان نگهباني ڪرڻي پوندي. سرڪار جو ڏنل فنڊ اسڪولن ۾ مناسب نموني استعمال ڪرائڻ. سائنس جهڙي مضمون کي صحيح نموني پڙهائڻ  لاءِ  سائنس ليبارٽرين کي  فنڪشنل ڪرڻو پوندو. انهن ۾ مڪمل گھربل اڪيوپمينٽ  مهيا ڪري ڏيڻو پوندو، ۽ ٻين ننڍن وڏن معاملن کي ڏسڻو پوندو.

جنهن ۾ اسان ڳوٺ  وارا ساڃاهه  وند ماڻهو  پنهنجي اسڪولن سان سهڪار ڪري  ڪيترو مستقل بنيادن تي فائدو ماڻي سگھون ٿا.

گليليو گليلي هڪ دفعو چيو هو:

 All truths are easy to understand once they are discovered: the point is to discover them.