سائنس سان سلهاڙيل ايمانداري!

0
38
سائنس سان سلهاڙيل ايمانداري!

دنيا ۾ ميڊيڪل سائنس تمام گهڻي تيزيءَ سان ترقي ڪري رهي آهي. هڪ رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جلد ئي انسان 120 سالن جي عمر تائين جيئرو رهي سگهندو. ممڪن آهي ته ايندڙ وقت ۾ انسان جي عمر 500 کان هڪ هزار سال به ٿي وڃي. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته انسان جو طبعي موت ختم ٿي وڃي. ان سلسلي ۾ وڏي پئماني تي ڪم به جاري آهي. انسان جي طبعي عمر وڌائڻ لاءِ جتي ٻيون کوڙ ڪمپنيون ڪم ڪن پيون، اتي ان ڊوڙ ۾ گوگل به شامل ٿي ويو آهي. گوگل پوڙهائپ کان بچڻ جي شعبي ۾ تمام گهڻو سرمايو لڳايو آهي. ايتري حد تائين جو گوگل ان مقصد لاءِ هڪ خاص ڪمپني Calico ٺاهي آهي، جنهن ۾ 1.5 ارب ڊالر سيڙايا ويا آهن.

                 انهن سڀني شين کان هٽي ڪري اولهه جي ملڪن ۾ رهندڙ ماڻهن، اهڙا طور طريقا اختيار ڪري ورتا آهن، جن سان هنن جي عمر وڌي وڃي. جنهن ۾ خاص طور ورزش ۽ غذا جو خيال رکيو پيو وڃي. عين ممڪن آهي ته اهي هڪ سؤ سال يا ان کان وڌيڪ جو عرصو زنده رهي سگهن، پر هتي ڳالهه صرف زنده رهڻ جي ته ناهي. ڇا طبعي طور زنده رهڻ ئي ڪافي هوندو؟ اهي سڀ سوال جيڪي، ميڊيڪل يا جنرل سائنس جي ترقيءَ کي ڏسي سامهون اچن ٿا.

پاڻ اولهه کان بلڪل مختلف اوڀر جي سماج ۾ رهون ٿا، جتي حياتيءَ ۽ موت جا پئمانا يڪسر الڳ آهن. ڇاڪاڻ ته هتان جا ماڻهو، ٻين خطن جي نسبت سان سمجهن ٿا ته دنيا ۾ ڪامياب زندگي گذارڻ لاءِ ڪيترائي اصول آهن. ايمانداري انهن مان هڪ آهي. مان سمجهان ٿي ته زندگيءَ ۾ايمانداريءَ جو هئڻ انسان لاءِ هڪ محفوظ رستو آهي. جيڪڏهن سماج ۾ سڪون ۽ خوشحالي گهرجي ته پهرين پاڻ پنهنجي ذات سان سچو ۽ ايماندار بڻجڻو پوندو. حقيقي ڪاميابي سچائي، ايمانداري ۽ خوداريءَ ذريعي ئي ممڪن آهي. فرد ۽ سماج جي تعمير لاءِ بنيادي اخلاقي قدرن جي اهميت هڪ حقيقت آهي. هن ڌرتيءَ جي مهان هستين، صوفين ۽ اوليائن جي پاڪيزه زندگين مان به اهو ئي درس ملي ٿو ته سماج کي هميشه اخلاقي هٿيارن جي ضرورت هوندي آهي.

ڪنهن به پيشي ۾ ايمانداري پهرين شرط آهي، ڇاڪاڻ ته اهو مرتبو، مقام يا عهدو اسان وٽ امانت جي حيثيت ۾ هوندو آهي. امانت کي حقدار وٽ سچائي ۽ ايمانداريءَ سان پهچائڻ سان ئي عهدي سان انصاف ٿي سگهي ٿو.

ڪجھ ڏينهن پهرين ميڊيا وسيلي هڪ خبر نظرن مان گذري: “ڪينيڊا جي سوين ڊاڪٽرن پنهنجي پگهار کي گهٽائڻ جو انوکو احتجاج ڪيو!” اسان مان هر هڪ ماڻهو جيڪو نوڪري پيشه آهي ۽ پورهيو ڪري ٿو، انهن جي پوري مهيني جي آمدني يا پگهار ڪيتري هوندي؟ ۽ جيڪڏهن توهان کي چيو وڃي ته توهان جي اها آمدني توهان جي ضرورت کان وڌيڪ آهي ته پوءِ ڇا توهان پنهنجي آمدنيءَ جو اهو حصو ڪنهن فلاحي اداري کي ڏيڻ جو سوچيندؤ؟ ته شايد توهان مان گهڻن جو جواب ‘ها’ هوندو. ان لاءِ ڪجھ ماڻهو سوچيندا ۽ ڪجھ عمل پڻ ڪندا. هاڻي جيڪڏهن توهان کي اهو ٻُڌايو وڃي ته توهان جي پگهار ۾ اضافو ڪيو ويو آهي، ته ڪيترا ماڻهو اها اضافي پگهار وٺڻ کان انڪار ڪندا؟ يقيناً توهان جو امڪاني جواب هوندو ‘هر گز نه…!، ڇو؟’

پر اسان توهان جي دنيا ۾ ڪجھ اهڙا ماڻهو به آهن، جيڪي ائين ڪرڻ کان ڪيٻائين نه ٿا. دنيا جي گولي تي هڪ اهڙو ملڪ جنهن جي ترقي ڏسي اسان جهڙن ملڪن جا ڪيترائي ماڻهو ڏينهن رات هڪ ڪري اتان جي اعلى تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ، نوڪري جي تلاش ۾ يا وري اميگريشن حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيا آهن. اهڙي ملڪ جي خبر کي نظرانداز هرگز نه ٿو ڪري سگهجي. هاڻي ذهن ۾ هڪ سوال اُٿي ٿو ته آخر ڪينيڊا جي ڊاڪٽرن اهو قدم کڻڻ جو ڇو سوچيو؟ آخر ڇا سبب هوندو؟ معلوم ٿيو ته اُنهن ڊاڪٽرن جي چواڻي ته, سندن پگهارن جا اضافي پئسا اسپتالن ۾ مريضن تي، نرسن جي اصلاح ۽ صحت جي ٻين شعبن ۾ استعمال ڪيا وڃن. هنن ڊاڪٽرن اها پٽيشن به داخل ڪرائي آهي, ڇو ته هو سمجهن ٿا ته سندن ملڪ ۾ نرس، ڪلريڪل اسٽاف يا اسپتال سان لاڳاپيل ٻيو عملو انهن پئسن جو حقيقي معنى ۾ مستحق آهي. سلام آهي ان سوچ ۽ پيشيوراڻا ايمانداريءَ کي. هي ۽ ان جهڙا ڪيئي مثال اسان جي سامهون ايندا رهندا آهن. نه صرف ترقي يافته ملڪن ۾ اها سوچ عام آهي، جنهن وسيلي دنيا ۾ ڪيترائي فلاحي ادارا ڪم ڪري رهيا آهن پر اسان جهڙن ترقي پذير ملڪن ۾ به ماڻهو فلاحي ڪمن ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ آهن. انفراديءَ طور تي پيشيوراڻا ايمانداريءَ جا به ڪيئي مثال ملندا.

پاڻ ڄاڻون ٿا ته صرف فلاحي ڪم ئي ايمانداريءَ جي وصف نه آهي. ان لاءِ لازمي آهي ته جيڪو به ڪم اسان ڪري رهيا آهيون، اهو صرف ۽ صرف سچائيءَ سان ڪريون. زندگي ڪاروبار وانگر آهي، جنهن کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ ايمانداريءَ جي ضرورت هوندي آهي. اسان شعوري يا لاشعوري طور تي هن سان جيڪو به سلوڪ روا رکون ٿا، اهو شايد اسان جي يادگيريءَ ۾ پنهنجي اصل شڪل صورت ۾ محفوظ نه هجي پر زندگي پاڻ ان کي هرگز نه وساريندي آهي. ڪنهن خاص مدي پوري ٿيڻ کان پوءِ اسان کي انتهائي ايمانداري ۽ خلوص سان اهو ثمر واپس ڏيڻ شروع ڪندي آهي.

 اهو ثمر پنهنجي جهوليءَ ۾ ڏسڻ کان پوءِ معلوم ٿيندو آهي ته اسان کي ڪو حق نه ٿو پهچي ته بدنيتيءَ جا ڪنڊا پوکي ان مان سڪون ۽ امن جي گلن جي پوک جي اميد رکون. اهڙيءَ ريت عهدي جي امانت جي به هر هڪ گهڙي انتهائي ايمانداريءَ سان حساب ڏيڻو پوي ٿو. ايمانداريءَ جو ظاهري مفهوم ته اسان کي خبر آهي. بظاهر هر ماڻهو پنهنجي قول ۽ فعل مان اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته هو بي حد ايماندار ۽ نيڪ آهي، گڏوگڏ پنهنجي حصي جو ڪم به خلوص سان ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ائين اهي ته پوءِ سماج جو بگاڙ ڪهڙي سبب ٿي رهيو آهي؟ هي معاشرو زوال طرف ڇو وڃي رهيو آهي؟ منهنجي راءِ ۾ ايمانداري انسان جي پنهنجي ذات کان شروع ٿئي ٿي. زندگي هڪ آئيني وانگر آهي، جنهن کي صاف ۽ شفاف رکڻ انسان جي فرض ۾ شامل آهي. سماج جي ڌاڳي ۾ پوئيل اسان مان هر ماڻهو موتيءَ داڻي مثل آهي. پيشيواراڻه طور ايمانداريءَ جو فرض نڀائي هر ماڻهو  موتين کي جَرڪائي۽ دلين کي هيرن جي کاڻ بڻائي سگهي ٿو، پر ان کان پوءِ ڳالهه وري به  ايمانداريءَ جي آهي ته اسان جڏهن پنهنجون زندگيون طويل ڪرڻ جي قابل ٿي وينداسين ته ڇا اها ايمانداري برقرار رهي سگهندي؟