سائنس جو شاهڪار: ڪولين جيترا ننڍڙا پر پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندڙ روبوٽ به تيار

0
205

لنڊن( دلچسپ نيوز) سوئٽزرلينڊ جي ماهرن اهڙا ننڍا روبوٽ تيار ڪيا آهن جيڪي ڪيولن جيان پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿا. انگريزي حرف جي T جهڙي شڪل وارن انهن ننڍن روبوٽس کي ”ٽراءِ بوٽس“ جو نالو ڏنو ويو آهي جيڪي رڳو 10 گرام جا آهن. هر ٽرائي روبوٽ مختلف طريقن سان حرڪت ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جنهن جو فيصلو ڀرپاسي جو ماحول ڏسي ڪري ٿو. ماهرن کي اميد آهي ته انهن ڪِولين جهڙن روبوٽن کي مستقبل ۾ مختلف قسمن جي امدادي ڪارروائين ۾ اهڙيءَ طرح استعمال ڪيو ويندو جو انهن کي ڪنهن به انساني مداخلت يا جي پي ايس وغيره جهڙي نظامن کان مدد وٺڻ جي ضرورت به نه پوندي. ٽرائي روبوٽن کي ڪِولين سان تشبيهه ڏني پئي وڃي ڇو جو جيڪڏهن هر ڪول انفرادي طور تي گھڻي ذهين ۽ طاقتور ته ناهي هوندي، پر جڏهن گھڻيون ڪِوليون هڪ ميڙ جي شڪل ۾ هجن ته اهي پيچيده قسم جي منصوبابندي ڪرڻ کان سواءِ مختلف ڪم سرانجام ڏيڻ جي قابل هونديون آهن. ايتري تائين جو اهي پنهنجي گڏيل ذهانت سان هڪ وڏي دشمن کي به شڪست ڏئي سگھن ٿيون، ٽرائي روبوٽس ۾ به اها خاصيت رکي وئي آهي. اهي ننڍڙا روبوٽ ڪنهن به قسم جي سطح تي سولائيءَ سان حرڪت ڪري سگھن ٿا ۽ اڳتي وڌي سگھن ٿا، انفرادي طور تي انهن جي ڊزائين گھڻي سادي آهي پر جڏهن اهڙا گھڻا ٽراءِ روبوٽس گڏ ٿين ته پوءِ اهي گڏيل رابطو رکندي رستي جي رنڊڪن جو پتو لڳائي سگھن ٿا. ۽ گڏيل ڀائيواريءَ مان فائدو وٺندي شين کي به حرڪت ڏئي سگھن ٿا جيڪي انهن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ وزني هجن.