ٺٽو (رپورٽر ) سنڌي ادبي سنگت شاخ ٺٽو جي ادبي عيد گڏجاڻي اديب رمضان ميمڻ جي صدارت ۾ ٿي گذري گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪندڙ اديبن لعل بخش ڪاتيار مضمون {ادب} سيد انور علي شاھ ڪھاڻي {جھريل جندڙي} ڊاڪٽر آڪاش عباسي تاثر، فقير اڪرم مڱڻھار چوسٽا، احسان ھاليپوٽو غزل، ابراھيم ھيجب نظم، محمد خان ملاح غزل ۽ شھمير شاه جو بيت ٻڌايو، جڏهن ته ان موقعي تي گڏجاڻي ۾  اديبن جو خطاب ڪندي چيو ته سائنسي جدت جي ڪري ماڻهو اصل علم ۽ ڪتابن جي دنيا کان پري ٿيندا وڃن جنهنڪري سنڌ جي تاريخي جاگرافي، ثقافتي ۽ لوڪ ادب پنھنجي نوجوان نسل تائين پھچائڻ جي سخت ضرورت آھي جڏھن ته گڏجاڻي ۾ سريلي راڳي انور آرزو ميمڻ سر سارنگ مان شاھ جي وائي پيش ڪري ويٺلن کي جھومائي ڇڏيو