لنڊن(انٽريسٽنگ نيوز) سائنسدانن تازو ئي هڪ اهڙو آواز ٻيهر تيار ڪيو آهي جنهن کي هو دنيا جو سڀ کان دهشت پکيڙيندڙ آواز قرار ڏين ٿا. اهو آواز قديم آزٽيڪ سيٽي جو آهي جنهن کي آزٽيڪ ڊيٿ وسل به سڏيو ويندو آهي. اهو آواز ٻڌڻ سان لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. آزٽيڪ آمريڪا جا قديم رهواسي هئا هنن 14 کان 16هين صدي تائين ميڪسيڪو تي حڪومت ڪئي هئي. اها حڪومت 16 هين صدي ۾ اسپين مان آيل فوج ختم ڪيو. ان دور بعد ڊيٿ وسل کي هڪ قديم نوادرات ان وقت قرار ڏنو ويو جڏهن 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ميڪسيڪو ۾ ان جي محفوظ ٿيل ڪاپي هٿ ڪئي وئي. بنيادي طور اها سيٽي نه پر هڪ کوپڙي آهي. ان کي ڏسي سائنسدانن موت جي سيٽي تيار ڪئي آهي. اها کوپڙي دهشت پکيڙيندڙ آواز ڪڍي ٿي ۽ سمجهيو وڃي ٿو ته آزٽيڪ لوڪ ان سيٽي کي انسانن جي قرباني جي موقعي تي استعمال ڪندا هئا. جڏهن ته جنگن ۾ ان سان مخالفن کي ڊيڄاريو به ويندو هو.