ايلين(انٽريسٽنگ نيوز) زمين تي ڪيل تازه ترين ليزر تجربن کانپوءِ سائنسدانن اهو مڃي ورتو آهي ته وڏن وڏن لينسز جي مدد سان سج جي روشني کي استعمال ڪندي چنڊ جي مٽي کي چنڊ تي روڊن ۽ لينڊنگ پيڊز بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. چنڊ تي موجود مٽي جو وڏو مقدار موجود آهي، جرمني جي ايلين يونيورسٽي جي ايرو اسپيس انجنيئر ڪارلوس جائنز پيلوميرس موجب زمين تي موجود هوا ۽ پاڻي هتان جي مٽي کي خراب ڪن ٿا، جڏهن ته چنڊ تي ائين ناهي. جيتوڻيڪ چنڊ جي مٽي خلائي جاچ لاءِ خطرناڪ ثابت ٿي سگهي ٿي. محقق تجربي ۾ ڏسڻ چاهين ٿا ته ڇا سج جي روشني چنڊ جي مٽي کي پگهري سگهي ٿي. سائنسدانن تجربي ۾ مختلف شدت جي ليزر شعاعن جو استعمال ڪيو. چنڊ تي طاقتور شعاع ٺاهڻ لاءِ سج جي روشني کي فوڪس ڪرڻ بابت 5.7 فوٽ ويڪري لينس جي ضرورت پوندي. ڪارلوس جو چوڻ هو ته ان طريقي سان ٽائلز کي چنڊ تي سادن اوزارن جي مدد سان گهٽ وقت ۾ بڻائي سگهجي ٿو.