اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو آهي ته سائفر ڪيس ۾ لڳايل سيڪشن سبب درخواستگذار عمران خان کي موت جي سزا ٿي سگهي ٿي، يا درخواستگذار سموري عمر جيل ۾ گهاري سگهي ٿو، ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل چيو ته اميد ڪري سگهجي ٿي ته ائين نه ٿئي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل چيو ته هي سٺو ماڻهو آهي جيڪو چئي رهيو آهي ته پراسيڪيوشن هن ڪيس ۾ ڪامياب نه ٿيندي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ سائفر ڪيس جي ٽرائل تي اسٽي آرڊر ۾ 20 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ چيئرمين جي وڪيل سلمان اڪرم راجا چيو ته هاءِ ڪورٽ جي اسٽي آرڊر باوجود ٽرائل ڪورٽ جيل ۾ ساڍي 3 وڳي تائين ٻڌڻي جاري رکي، پراسيڪيوٽر رضوان عباسي چيو ته عدالت اسٽي آرڊر جو اطلاع ملڻ بعد ٻڌڻي روڪي ڇڏي هئي،اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين پاران جيل ٽرائل خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ٿي، عدالت چيو ته جڏهن پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو آيو تڏهن هو اٽڪ جيل ۾ هو، اٽڪ جيل کان عدالت پيش ڪرڻ لاءِ سڪيورٽي مسئلا ٿي سگهن پيا، کيس هاڻ اڊيالا جيل منتقل ڪيو ويو آهي، صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، اهو ٻڌايو ته وزارت قانون جي جاري ڪيل اين او سي کي ڪهڙي پراسس تحت جاري ڪيو ويو؟ هن ڪيس ۾ جيڪو سيڪشن لڳو آهي ان موجب موت جي سزا ٿي سگهي ٿي، جسٽس گل حسن اورنگزيب چيو ته اسان سومر تي ٻڌڻي مڪمل ڪري فيصلو ڪنداسين.