اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سائفر ڪيس ۾ اهم اڳڀرائي، پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين خلاف فرد جرم لاڳو ٿي ويو، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ تحت قائم عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين اڊيالا جيل ۾ ٻڌڻي هلائي، خصوصي عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي خلاف فرد جرم لاڳو ڪيو، ٻنهي اڳواڻن پاران ڏوهه ۾ ملوث هئڻ کان انڪار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته الزام سمجهه ۾ نه آيو، جج ابوالحسنات فرد جرم جي ڪارروائي روڪڻ واري پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت 27 آڪٽوبر  تي ڪيس جي گواهن جا بيان طلب ڪري ورتا آهن. عدالت پي ٽي آءِ وڪيلن پاران ڪاپيون نه ملڻ واري استدعا رد ڪئي وئي. پي ٽي آءِ چيئرمين جج سان مخاطب ٿيندي چيو ته قوم کي مبارڪون، منڊيلا واپس اچي ويو، عدالت سائيڪل فراهمي جي درخواست منظور ڪئي، عدالتي پڇاڻي تي شاهه محمود ٻڌايو ته کٽ ڏني وئي آهي. اسپيشل پراسيڪيوٽر موجب ڪيس ۾ 28 شاهدن کي طلب ڪيو ويندو، جوابدارن کي ڪيس جون ڪاپيون فراهم ڪيون ويون. هوڏانهن پي ٽي آءِ پاران فرد جرم لاڳو ڪرڻ جو حڪم هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪرڻ جو اعلان، پي ٽي آءِ ترجمان چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عدالت ۾ چيو ته منهنجي خلاف سازش ٿي آهي، منهنجي حڪومت وئي،جنهن ميٽنگ جو ذڪر ڪيو ويو ان جا منٽس به موجود ناهن، سائفر به ڪاغذن ۾ موجود ناهي، پي ٽي آءِ کي بلڊوز ڪرڻ لاءِ لنڊن پلان جو اڳ ئي پتو هو، نواز شريف امپائر کي گڏائي کيڏندو آهي، نواز شريف ان وقت تائين اليڪشن ۾ ناهي ايندو جيستائين مرضي جو امپائر نه هجي، جيڪڏهن وڏي چور کي ڇڏڻو آهي ته پوءِ اڊيالا جيل ۾ قيد جوابدارن کي به ڇڏي ڏيو.