راولپنڊي: (م ڊ) عمران خان خاور مانيڪا جي بيان کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ان ڏس ۾ عمران خان جي وڪيل شير افضل مروت چيو آهي ته پارٽي چيئرمين عمران خان خاور مانيڪا جو بيان ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي. اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي وڪيل شير افضل مروت چيو ته سائفر ڪيس جو فيصلو انصاف جي فتح آهي. ان موقعي تي بيرسٽر علي ظفر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين وڪيلن جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي. هن جلسا، جلوس ۽ ڪارنر گڏجاڻيون فوري طور تي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هن چيو ته پي ٽي آءِ جو پهريون جلسو پهرين ڊسمبر تي پشاور ۾ ٿيندو ۽ پارٽي جلد سڄي ملڪ ۾ جلسن جي شيڊول جو اعلان ڪندي. جيڪڏهن جلسن ۾ رنڊڪ وڌي وئي ته سپريم ڪورٽ وينداسين. ان موقعي تي شير افضل مروت چيو ته عمران خان خاور مانيڪا جي بيان کي ڪوڙو قرار ڏنو آهي. هن چيو ته ملڪ کي جمهوريت جي بجاءِ تنزلي طرف ڌڪيو پيو وڃي. تحريڪ انصاف کي مائنس ڪرڻ ۽ اڳواڻن جي گهريلو معاملن۾ بنا ڪنهن جواز جي مداخلت ڪئي پئي وڃي.