اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي تحقيقاتي ايجنسي ( ايف آءِ اي ) سفارتي سائفر آڊيو ليڪ ۽ پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي طلب ڪيو آھي، ايف آءِ اي نوٽيس جاري ڪندي اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي 3 نومبر منجهند 12 وڳي پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي آھي، ايف آءِ اي اڳوڻي پرڏيهي وزير شاهه محمود کي به 3 نومبر تي 12 وڳي طلب ڪيو آھي جڏهن ته اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر کي اڄ اربع ڏينهن 2 نومبر تي 12 وڳي طلب ڪيو آھي.