ملير (رپورٽ: ناز شر ) ملير ۾ جڙتو مقابلي دوران پوليس فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪيٽي بندر واسڻ سائره سمون جي قتل واري واقعي جو ايس ايچ او اسٽيل ٽائون ۽ اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ مقتوله جي پٽ صدام سمون پاران ملير جي سيشن ڪورٽ ۾ 22 اي جي درخواست داخل ڪرائي وئي، جنهن تي عدالت ايس پي (ڪمپلينٽ ) ملير کي نوٽيس جاري ڪري 13 جولاءِ تي جواب طلب ڪري ورتو، ،ياد رهي ته 6 ڏينهن اڳ گلشن حديد ويجهو پوليس ۽ ڦورن ۾ مقابلي دوران پوليس فائرنگ جي نتيجي ۾ سائره سمون قتل ۽ سندس ڌيءَ غنويٰ سمون زخمي ٿي پيون هيون، انهي واقعي خلاف وارثن قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڊي آءِ جي ايسٽ، ڊي سي ملير، پ پ ايم پي اي ساجد جوکيو مظاهرين سان ڳالهيون ڪيون هيون، پوليس پاران وارثن جي فرياد تي ٻي ايف اءِ آر داخل ڪرڻ کان انڪار بعد  ڳالهيون ناڪام ٿيون هيون، جنهن بعد مظاهرين ٻن ڏينهن تائين لڳل ڌرڻو ختم ڪري قانوني ويڙهه جو اعلان ڪيو هو