ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي ضلعي ڊيرا بگٽي مان 6 فٽبالر اغوا ٿي ويا، ضلعي انتظاميا تصديق ڪندي چيو آهي ته نوجوان فٽبالر ميچ کيڏڻ لاءِ سئي کان سبي وڃي رهيا هئا ته کين اغوا ڪيو ويو، نوجوان رانديگرن کي سئي تعلقي جي جاني ٻيڙي واري علائقي مان اغوا ڪيو ويو، ضلعي انتظاميا موجب مغوي رانديگرن جي بازيابيءَ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.