لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) رتيديري واسي پوليس اهلڪار عبدالله جويو لاڙڪاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عبدالغني  سيانچ وارن منهنجي 10 ورهين جي سئوٽ مزمل حسين کي زخمي ڪيو، جيڪو چئن مهينن بعد فوت ٿي ويو. واقعي جو ڪيس سيانچ برادري جي پنجن جوابدارن مٿان داخل ڪرايو. جنهن واقعي ۾ سجاد سيانچ مارجي ويو، جنهن جي وارثن مون سميت 9 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪرايو. هن چيو ته عدالت مان ضمانت ڪرائي ۽ اهڙو ڪيس پڻ لاڳاپيل عدالت ۾ هلندڙ آهي پر ان باوجود ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو بغير جاچ جي مون سميت منهنجي ڀاءُ محمد سچل جويو کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت ڪيس ۾ نامزد مُک جوابدار عبدالغني سيانچ ۽ ٻيا اسان کي سئوٽ مزمل حسين جويو جي قتل ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، جان جو خطرو آهي.