ڪراچي: سنڌ ۾ ضلعي زڪوات آفيسرن جون بدليون، حيدرآباد جي ضلعي زڪوات آفيسر کي دادو جي اضافي ذميواري ڏني وئي ! ان حوالي سان ڪشمور جي ايڊيشنل ضلعي زڪوات آفيسر غلام ياسين کان ضلعي زڪوات آفيسر ڪشمور جي اضافي چارج واپس وٺي ڇڏي آهي، جڏهن ته ضلعي زڪوات آفيسر دادو نياز شيخ کي ڪشمور ۾ ضلعي آفيسر مقرر ڪيو ويو، دادو ۾ مستقل ضلعي آفيسر  مقرر ڪرڻ بجاءِ حيدرآباد جي ضلعي آفيسر ڪليم الله سومرو کي اضافي ذميواري سونپي وئي ، ڪراچي ويسٽ جي ضلعي آفيسر ڪامران علي کي سجاول بدلي ڪيو ويو ، جڏهن ته مرتضيٰ علي کي عمرڪوٽ ۾ مقرر ڪيو ويو، جتان طيب علي کي ٿر موڪليو ويو.