زين شاهه جي سرپئنچي ۾ سيد، شاهاڻي ۽ کوسا ڌرين ۾ تڪرار جو نبيرو: 2ڪروڙ ڏنڊ

0
192

سن: ايس يو پي جي مرڪزي اڳواڻ سيد زين شاهه جي سرپئنجي ۾ سيد، شاهاڻي ۽  کوسا بردارين ۾ هلندڙ تڪرار جو نبيرو ٿيو آهي

نبيري ۾ محمد علي شاھاڻي، حبيب الله شاھاڻي، عبدرحمان کوسو، ڏتو خان کوسو، روشن ٻرڙو ۽ ٻيا موجود هئا

شاهاڻي ڌر مٿان سيد ۽ شاهاڻي ڌر جا 6ماڻهو زخمي ڪرڻ ۽ گاڏين کي نقصان پهچائڻ تي 2ڪروڙ 29لک رپيا ڏنڊ مقرر ڪرڻ جي فتويٰ ٻڌائي وئي

ڌرين ڳالھين دوران علائقي ۾ امن بحال رکڻ ڪري سيد زين شاھ جو فيصلو قبول ڪيو، زين شاھ فيصلي جي فتويٰ بعد ڌريون کير کنڊ ٿي ويون