ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌو درياءَ بچايو تحريڪ جو سرواڻ سيد زين شاھ ڪالھ  ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر جي رھائشگاھ  70 ڪلفٽن پھتو،  جتي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر سان ملاقات ڪيائين ـ ان حوالي سان سوشل ميڊيا تي ذوالفقار  جونيئر جي جاري ڪيل بيان ۾ ھن چيو آهي ته ڪالھ صبح جو سيد زين شاھ ۽ سيد منير حيدر شاھ 70 ڪلفٽن ڪراچي ۾ ناشتي لاءِ مون سان مليا، هميشه وانگر اها هڪ سٺي ملاقات ٿي گذري، اسان سنڌو درياھ سان پنهنجي گڏيل محبت، ۽ صوبائي خودمختياري تي پنهنجي يقين بابت ڳالهايو،  اسان سنڌ سميت پوري پاڪستان ۾ برادرين جي حقن لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي واعدي کي پڻ ورجايو.