ڪراچي(نمائندن وٽان) ايس يو پي صدر سيد زين شاهه سڪرنڊ مان گمبٽ ريلي ۾ شرڪت لاءِ روانو ٿيو ته سندس مختلف هنڌن تا شاندار استقبال ڪيو ويو، زين شاهه جو مورو، نوشهروفيروز، ڪنڊيارو، ھالاڻي، ڀرياسٽي، ڪوٽري ڪبير، ھنڱورجا، راڻيپور پهتو ته سنڌ جي ساڃاهه وندن سندس شاندار آجيان ڪئي ۽ گل نڇاور ڪيا، ان موقعي تي زين شاهه ڳالهائندي چيو ته پ پ سنڌو درياءَ جو پاڻي پنجاب کي وڪڻي ڇڏيو آھي، ھاڻي وري اڳواڻ احتجاج جو ڊرامو پيا ڪن، جن کي سنڌ عوام سڃاڻي چڪو آھي، هن چيو ته درياهه بچائڻ لاءِ سنڌ جا ڀاڳيا جاڳي پيا آهن، جڏهن ته چور لڪي ويا آهن، پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته سنڌ سجاڳ ٿي چڪي آهي، جنهن ڪري ڪرپٽ حڪمرانن جون وايون بتال ٿي ويون آهن.