سکر (بيورو رپورٽ) سکر ۾ خورشيد شاھ  جو فرزند، اڳوڻو ميئر، ڊپٽي ميئر بنا مقابلي ڪامياب، جنرل ميمبر طور آزاد ۽ مختلف پارٽين جا اميدوار ڪامياب. تفصيل موجب وفاقي وزير خورشيد احمد شاھ جو فرزند زيرڪ شاھ، اڳوڻو ميئر ارسلان اسلام شيخ، ڊپٽي ميئر طارق حسين چوھاڻ، ميونسپل ڪارپوريشن جو اڳوڻو ميمبر غلام مرتضيٰ گھانگھرو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا. ٽائون ڪاميٽي نثار احمد صديقي جي يونين ڪاميٽي 5 سوسائٽيءَ تان چيئرمين جو اميدوار مير عبدالرحمان مينگل ۽ وائيس چيئرمين جو اميدوار سيد زيرڪ شاھ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن. اھڙي طرح ٽائون ڪاميٽي مڪي شاھ جي يونين ڪاميٽي 10 تان اڳوڻو ميئر ارسلان اسلام شيخ چيئرمين ۽ غلام مرتضي گھانگھرو وائيس چيئرمين طور بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن. ٽائون ڪاميٽي نثار احمد صديقي جي يونين ڪاميٽي 10  تان اڳوڻو ڊپٽي ميئر طارق حسين چوھاڻ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين طور عبدالرحمان چوھاڻ بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آھن. اھڙي طرح ساڳي يونين ڪاميٽي تان پ پ جا جنرل ميمبر به بنا مقابلي ڪامياب ٿيا آھن، جن ۾ وارڊ ھڪ تان امان اللھ، وارڊ 2 تان علي نواز چوھاڻ، وارڊ 3 تان شيخ محمد ۽ وارڊ 4چار تان ڪريمداد بنا مقابلي سوڀارا ٿيا آھن. ٻئي پاسي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جي فرزند زيرڪ شاهه ۽ اڳوڻي ميئر ارسلان شيخ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بلدياتي اليڪشن ۾ پ پ کي سکر ۾ وڏي ڪاميابي ملي آهي، بلدياتي اليڪشن جي شروعات ۾ ئي الزام لڳڻ شروع ٿيا آهن، ڄڻ پ پ اليڪشن کان فرار ٿي رهي آهي، اسان خاموشي ۽ صبر کان ڪم ورتو پر ڪنهن به بدمعاش کان نٿا ڊڄون، اثاثا ظاهر نه ڪندڙ به اسان تي الزام پيا لڳائين. اسماعيل مهر رٽرننگ آفيسر وٽ پهچي پ پ جي حق ۾ هٿ کنيو. ان کي اغوا ڄاڻايو ويو. حقيقت ۾  ان مٿان وڏيرن جو پريشر آهي. عوام هنن کي رد ڪري چڪو آهي.