زيرو پوائنٽ تي بيٺل عورت

0
157
زيرو پوائنٽ تي بيٺل عورت

ڊاڪٽر نوال السعدوي جو ڪتاب “زيرو پوائنٽ تي بيٺل عورت” مون هڪ ئي ڏينهن ۾ پڙهي پُورو ڪيو ۽ پوءِ ڪي ڪيترائي پهر آئون اهو ئي سوچيندو رهيس ته ڇا انساني قلم ۾ ايتري طاقت به ٿي سگهي ٿي جو هُو ڏيڍ سئو صفحن جي ننڍڙي ڪتاب سان پدرشاهي سماج، دقيانوسيت، رجعت پرستي، عقيده پرستي ۽ ڪُوڙي تاريخَ جا بَخيا اُڊيڙي ڇڏي. دُنيا جي ٻه چار وڏن ڪتابن ۾ شمار ٿيندڙ هن ڪتاب منهنجي اندر جي دُنيا ئي بدلائي ڇڏي آهي. هِي ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ آئون هڪڙو ٻيو ماڻهو آهيان.ماڻهو هن ڪتاب کي ناول چون ٿا پر ڪتاب جي ليکڪه هن کي هڪ سچي ڪهاڻي چوي ٿي، جيڪا قناطير مصر جي بدنام زمانه عورتن جي جيل ۾ مختلف ڏوهن ۾ قيد عورتن جي نفسياتي مسئلن تي سندس هڪ تحقيقي رپورٽ جو حصو آهي. ساداتي رجيم دوران 1980ع ۾ ڊاڪٽر نوال السعدوي پاڻ به ان جيل ۾ قيد رهي آهي، هِي ڪتاب بظاهر ته مصري معاشري جي عڪاسي ڪري ٿو پر هِي ڪتاب اسلامي طرز جي معاشرن، خاص طور تي پاڪستاني معاشري سان مطابقت رکندڙ معاشرن سان خاص تعلق رکي ٿو. 1987ع ۾ جڏهن هِي ڪتاب عربيءَ ۾ ڇپيو ته مصر سميت سڄي عرب دنيا ۾ وڏا هُل هنگاما ٿيا، ڪتاب تي پابندي پئجي وئي، ليڪن ڪتاب دُنيا جي ٻين ٻولين ۾ ڇپجي سڄي جهان تائين عرب معاشري ۽ خاص طور عورت دشمني رکندڙ معاشرن جي اُبتي کَلَ لاهي چُڪو هو، ڪا به پابندي هن طاقتور ڪتاب کي دنيا تائين پهچڻ کان نه روڪي سگهي، پاڻ وٽ هن ڪتاب جو ترجمو پهرين پشتو زبان ۾ پروفيسر شاهجهان وگڙپال ڪيو ۽ پوءِ 1985ع ۾ هن ڪتاب جو اُردو ۾ ترجمو به  پروفيسر شاهجهان وگڙپال ئي ڪيو.

تحقيق دوران جيل جو هڪ ڊاڪٽر، ڊاڪٽر نوال السعدوي سان هڪ مرد جي قتل ۾ قيد ۽ ڦاسيءَ جي سزا کاڌل هڪ عورت جو ذِڪر ڪري ٿو، جنهن جو نالو فردوس آهي. هُو ٻڌائي ٿو ته، جيل اچڻ کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اها عورت نه ته ڪنهن سان ملي ٿي ۽ نه ئي پنهنجي سزا جي خلاف اپيل ٿي ڪري.   ڊاڪٽر نوال السعدوي کيس گذارش ٿي ڪري ته، منهنجي هن سان ملاقات ڪرائي وڃي، قيدڻ فردوس هن سان ملڻ کان به مسلسل انڪار ٿي ڪري، مختلف وقتن تي ڪيل ملاقات جي ڪوششن دوران عورت جيل سپرنٽيڊنٽ کان خاڪروب عورت تائين جيل عملي جون تمام عورتون ڊاڪٽر نوال السعدوي کي قيدڻ عورت سان پيار ڪندڙ ۽ هن کي بيقصور سمجهندڙ ۽ هن سان يڪجهتي رکندڙ لڳن ٿيون ۽ هڪ معنيٰ خيز جملو بار بار ورجائين ٿيون ته، “ڇا توکي به هنن موڪليو آهي”. نوال السعدوي پُڇي ٿي، “هو ڪير؟” پر موٽ ۾ خاموشي ئي هجي ٿي.

پنهنجي ڦاسيءَ کان هڪ ڏينهن اڳ ۾ هُوءَ ڊاڪٽر نوال السعدوي سان ملاقات لاءِ راضپو ظاهر ڪري ٿي، ملاقات لاءِ ويندي نوال السعدوي لکي ٿي ته، فردوس جي ڪال ڪوٺڙيءَ ڏانهن ويندي منهنجي حالت عجيب هئي، اهڙي حالت هن کان پهرين صرف هڪ ڀيرو ٿي هئي، گهڻو پهرين جڏهن مون ڪنهن مرد سان محبت ڪرڻ چاهي هئي ۽ هن سان ملڻ خاطر هن ڏانهن هلڻ لڳي هئس. فردوس پنهنجي ڪهاڻي ٻُڌائڻ شروع ٿي ڪري، ڪهاڻيءَ جو پهريون جملو آهي ته، آئون سڄي زندگي ان ڳالھ جي متلاشي رهيس، جنهن تي آئون فخر ڪري سگهان يا جيڪا مون کي ٻين تي فوقيت ڏيئي سگهي_ايستائين جو بادشاهن ۽ شهزادن تي به. ۽ ڪتاب جو ٻيو جملو آهي ته مون جڏهن به ڪنهن اخبار جو ٽڪرو کنيو، ان تي ڪنهن مرد جي تصوير ڇپيل ڏٺي ته مون ان تي ٿُڪيو. سندس چوڻ آهي ته منهنجو زندگيءَ ۾ جيترن به مردن سان تعلق رهيو، اُنهن سان واقفيت سبب منهنجي ذهن ۾ بس هڪ ئي خواهش پئدا ٿي ته آئون پنهنجو هٿ مٿي کڻان ۽ انهن جي مُنهن تي هڻي ڇڏيان پر جيئن ته آئون هڪ عورت آهيان ۽ مون ۾ اها جُرئت ڪڏهن به پئدا نه ٿي سگهي.

سيڪنڊري اسڪول پاس ٿيل فردوس جي ڪهاڻيءَ ۾ سندس تعليمي سرٽيفڪيٽن جو ذڪر بار بار اچي ٿو، جنهن وسيلي هُوءَ بار بار زندگيءَ جي دوزخ مان نڪري ڪو ڌنڌو، ڪا نوڪري ڪرڻ چاهي ٿي پر اهي سرٽيفڪيٽ ڪٿي به سندس سفر ۾ آسانيءَ جو سبب نٿا بڻجن. سڄو جهان سندس جسم ڏانهن ئي وڌي ٿو، ان تي موهت ٿئي ٿو، ان کي ماڻي ٿو، ان کي چاهي ٿو ۽ پوءِ ان ئي جسم تي تشدد ڪرڻ لڳي ٿو.

هُوءَ پنهنجي الازهر يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ چاچي کي چوي ٿي مون کي قاهره وٺي هل، “تون قاهره ۾ هلي ڇا ڪندئين؟”، هُوءَ  چوي ٿي ته، آئون به الازهر ۾ وينديس ۽ تو وانگي پڙهنديس.

چاچو مسڪرائي چويس ٿو، “الازهر ته صرف مردن لاءِ آهي ”.

پنهنجي ڪهاڻي ٻڌائيندي فردوس چوي ٿي ته، آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيندي آهيان، ڇا هڪ ماڻهو ٻيو ڀيرو پئدا ٿي سگهي ٿو، سندس ان خواهش پويان زهر پيئندي ۽ عذاب ڀوڳيندي گذري ويل زندگيءَ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڀرپور طريقي سان جيئڻ جي تمنا آهي، ان هڪ جملي ۾ ڪيتري ڪوڙاڻ اوتيل آهي، دوزخ جهڙي جيون جي هڪڙي معصوم آرزو.  ايئن هن ڪتاب ۾ الائجي ڪيترا جملا آهن، جن جي پيڙا اکين ۾ لُڙڪ آڻي ٿي ڇڏي. فردوس پنهنجي ڪهاڻيءَ ۾ جڏهن سيڪنڊري اسڪول جي لائبريريءَ ۾ پهچي ٿي ته هُوءَ تاريخ جي ڪتابن جي مطالعي جي ڳالھ ٿي ڪري ،اهي ٻه صفحا، جن ۾ هُوءَ انساني تاريخ جي ڪوڙن ڪتابن، ڪوڙن قصن ۽ ڪوڙن اديبن کي ڀڃي ٿي رکي. هُوءَ چوي ٿي ته، مُون پڙهيو سڀ جا سڀ بادشاهه مرد، ڪا به عورت نه، سڀ جا سڀ فاتح مرد، ڪا به عورت نه! انهن سڀني جا قدر مشترڪه سڀني جون شخصيتون مسخ ٿيل، سڀ جا سڀ غلامن کي ڪوڙا هڻندڙ، سڀ جا سڀ حريصانه ذهنيت رکندڙ،  سڀئي دولت، جنسيت ۽ بيحد طاقت هٿ ڪرڻ جي نه ختم ٿيندڙ لالچ ۾ مبتلا. هن دنيا ۾ بد تميزي، بدديانتي ۽  ڪُوڙَ جي ذميوار هنن پنهنجن ماڻهن کي لُٽيو ۽ وڏي آواز ۾ ڳالهائڻ جو حق صرف پاڻ وٽ رکيو. هُوءَ چوي ٿي ته، ڪنهن بادشاهه کي خُدا جو خوف هجي، ايئن ممڪن ناهي، اهو ڪوڙ آهي. هِي مذهب کي به پنهنجي حق ۾ استعمال ڪن ٿا، هِي جڏهن خدا سان وفاداريءَ جي ڳالھ ڪن ٿا، تڏهن هنن جي ذهنن ۾ وفاداريءَ جي معنيٰ صرف ۽ صرف اها هجي ٿي ته غريب وفاداري ڪري ۽  قرباني ڏي ته جيئن اميرن جي حڪومت ۽ انهن جي ملڪ جي حفاظت ڪري سگهجي، غريب ماڻهن جو ڪو به وطن ناهي هوندو، ڪائي سرزمين ناهي هوندي.

اسان جي آسپاس اسين نظر گهمائينداسين ته، سمورا امير، جاگيردار ۽ سرمائيدار اسان کان وفا جي اُميد ڪندي نظر ايندا، هنن پاڻ، پنهنجن حوارين کان ۽ پنهنجي لکارين کان اهو مشهور ڪرائي رکيو آهي ته اسان غريبن مان چڱو اهو ئي آهي، جيڪو وفادار آهي، اسان جو سڀ کان اعليٰ ڳڻ حق گُهرڻ نه پر اميرن سان ست پيڙهين کان وفا ڪرڻ ئي آهي ۽ اسان مان اهو برو آهي، جيڪو حق گُهري ٿو، ظلم کان منع ڪري ٿو، ناانصافيءَ تي احتجاج ڪري ٿو ۽ سڄي انساني تاريخ اهڙن حق گهرندڙ ماڻهن جي پٺن تي وسندڙ ڪوڙن سان ڀري پئي آهي. فردوس جڏهن پنهنجي چاچي سان مڙس جي تشدد جي شڪايت ٿي ڪري ته الازهر يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪيل سندس چاچو کيس چوي ٿو ته، “نيڪ ۽ پاڪدامن عورت  کي اها ڳالھ زيب ئي نٿي ڏي ته هُوءَ ان معاملي ۾ پنهنجي مڙس سان شڪايت ڪري”.

هن جي ڪهاڻيءَ ۾ هڪڙي عورت اچي ٿي، جيڪا کيس سمجهائي ٿي ته، هِي سڀ هڪجهڙا ڪُتا آهن، جيڪي مختلف نالن سان ڊوڙي رهيا آهن، اها عورت کيس ٻڌائي ٿي ته توکي گهرجي ته تُون زندگيءَ کان به وڌيڪ سختيءَ جو مظاهرو ڪر، زندگي تمام گهڻي ڪَٺور آهي، صرف اهي ماڻهو ئي زندگي گذاري سگهن ٿا جيڪي زندگيءَ کان وڌيڪ ڪَٺور آهن.مڙس جي تشدد کان تنگ ٿي گهران نڪري قاهره جي گهٽين ۾ بي يارو مددگار هڪڙي عورت هڪ مرد کان ٻئي مرد تائين دربدر ٿي نيٺ هڪ ملٽي نيشنل ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪرڻ لڳي ٿي، اُتي هڪ مزدور ليڊر کيس پنهنجو لڳي ٿو، اهو به نيٺ دوکو ڏي ٿو. فردوس چوي ٿي ته، هڪ انقلابي علم، اصول ۽ انقلاب کان اهو ڪم وٺي ٿو، جيڪو ڪم ٻيا مرد دولت کان وٺن ٿا، هِيءَ سڄي دُنيا عورت جي مُنهن مان انڪار جو لفظ نٿي ٻُڌي سگهي. فردوس هڪ ڪامياب طوائف جي زندگي گذارڻ لڳي ٿي ته اوچتو هڪ مرد کانئس حصي پتيءَ جي طلب ڪري ٿو. هُو ان جي خلاف سڀني ادارن وٽ وڃي ٿي، ڪير به نٿو ٻڌي. فردوس چوي ٿي ته، مردن جي ٺاهيل قانون ۾ طوائف لاءِ ته سزا آهي پر ڀڙ…..  تي ڪو به قانون لاڳو نٿو ٿئي، ان لاءِ ڪا به سزا ناهي ۽ پوءِ هن جي هٿان اهو ڀڙ….  قتل ٿي وڃي ٿو.

فردوس چوي ٿي ته، آئون ڪنهن به مرد کي رحم جي اپيل نه ڪنديس ۽ هُوءَ خاموشيءَ سان ڦاسي چڙهي ٿي وڃي. ڪتاب جي آخر ۾ وڃي خبر پوي ٿي ته ‘انهن موڪليو آهي’ جي معنيٰ اها آهي ته، توکي انهن مردن موڪليو آهي، جن جي خواهش آهي ته ڪا عورت وقار سان ڦاهي نه چڙهي، بلڪه مردن کان زندگيءَ جي خيرات گُهري جِيئي.ڪٿي ڪٿي حد کان وڌيڪ فيمنزم آهي، جيڪا خود به هڪ انتهاپسندي آهي، جيئن فردوس چوي ٿي ته، سڀ کان گهٽ قيمت تي اها عورت زندگي گذاري ٿي، جيڪا زال جي حيثيت ۾ گذاري ٿي پر آئون وري به اهو ئي چوندس ته  هن ڪتاب جي ڪهاڻي ايتري طاقتور آهي جو هن پدرشاهي سماج جي بدصورت چهري جا سڀ نقاب لاهي ڇڏيا آهن. هن ڪتاب ۾ اوهان جي ذهن تي حاوي ٿي وڃڻ جي طاقت آهي .