ڪوئيٽا/تربت(م ڊ) بلوچستان جي ضلعي زيارت ۽ تربت ۾ دهشتگردي جي انت واري اداري(سي ٽي ڊي) ۽ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي ۾ ڪالعدم بي ايل اي جا 10 دهشتگرد مارجي ويا. رپورٽ موجب سي ٽي ڊي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته زيارت جي علائقي چوتير ۾ سي ٽي ڊي ۽ سيڪيورٽي فورسز سان چڪرين ۾ 7 دهشتگرد مارجي ويا. سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگردن جو تعلق پابندي مڙهيل تنظيم بلوچ لبريشن آرمي(بي ايل اي) سان آهي. سي ٽي ڊي ذريعن موجب ڪارروائي ڳجهي اطلاع تي ڪئي وئي. مارجي ويل دهشتگردن کان هٿيار به هٿ آيا. جوابدار دهشتگردي جي مختلف ڪارروائين ۾ ملوث هئا. ٻئي طرف سيڪيورٽي فورسز تربت ۾ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو، آپريشن دهشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي ڪيو ويو. آءِ ايس پي ار موجب فورسز موثر طريقي سان دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو. شديد فائرنگ سبب 3 دهشتگردن کي ماريو ويو. مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار، بارود ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين خلاف ڪيترن ئي وارداتن ۾ ملوث هئا، علائقي ۾ موجود ڪنهن به ٻئي دهشتگرد جي موجودگي سبب ڪليئرنس آپريشن جاري آهي. آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن استحڪام ۽ ترقي کي تباهه ڪندڙ ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي.